مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

ايمان ۽ اسلام جو سنگم

قَالَتِ الۡاَعۡرَابُ اٰمَنَّا ؕ قُلۡ لَّمۡ تُؤۡمِنُوۡا وَ لٰکِنۡ قُوۡلُوۡۤا اَسۡلَمۡنَا وَ لَمَّا یَدۡخُلِ الۡاِیۡمَانُ فِیۡ قُلُوۡبِکُمۡ ؕ وَ اِنۡ تُطِیۡعُوا اللّٰہَ وَ رَسُوۡلَہٗ لَا یَلِتۡکُمۡ مِّنۡ اَعۡمَالِکُمۡ شَیۡئًا ؕ اِنَّ اللّٰہَ غَفُوۡرٌ رَّحِیۡمٌ ﴿۱۴﴾ (الحجرات: ۱۴)

(١٤) ٻهراڙيءَ جا ڪي عرب (تو وٽ اچي) چئي رهيا آهن ته، اسان ايمان آندو آهي. (اي پيغمبر کين) چئو ته، توهان ۾ (سچو) ايمان (۽ يقين) ڪونهي. پر هيئن چئو ته، اسان تابعداري اختيار ڪئي آهي، ڇو ته اڃا ته اوهان جي دلين ۾ (سچو) ايمان داخل ڪونه ٿيو آهي. پر جيڪڏهن توهان الله ۽ سندس رسول جي (يعني اسلامي سرڪار جي) تابعداري اختيار ڪيو ته پوءِ الله تعاليٰ اوهان جي عملن مان ڪجهه به ضايع نه ڪندو بيشڪ الله تعاليٰ بار بار بخشيندڙ ۽ وڏي رحم وارو آهي.