مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

حدون نه لنگهو، وڌاءُ نه ڪيو ۽ احمقن جي پيروي نه ڪريو

یٰۤاَہۡلَ الۡکِتٰبِ لَا تَغۡلُوۡا فِیۡ دِیۡنِکُمۡ وَ لَا تَقُوۡلُوۡا عَلَی اللّٰہِ اِلَّا الۡحَقَّ ؕ اِنَّمَا الۡمَسِیۡحُ عِیۡسَی ابۡنُ مَرۡیَمَ رَسُوۡلُ اللّٰہِ وَ کَلِمَتُہٗ ۚ اَلۡقٰہَاۤ اِلٰی مَرۡیَمَ وَ رُوۡحٌ مِّنۡہُ ۫ فَاٰمِنُوۡا بِاللّٰہِ وَ رُسُلِہٖ ۚ۟ وَ لَا تَقُوۡلُوۡا ثَلٰثَۃٌ ؕ اِنۡتَہُوۡا خَیۡرًا لَّکُمۡ ؕ اِنَّمَا اللّٰہُ اِلٰہٌ وَّاحِدٌ ؕ سُبۡحٰنَہٗۤ اَنۡ یَّکُوۡنَ لَہٗ وَلَدٌ ۘ لَہٗ مَا فِی السَّمٰوٰتِ وَ مَا فِی الۡاَرۡضِ ؕ وَ کَفٰی بِاللّٰہِ وَکِیۡلًا ﴿۱۷۱﴾٪ (النساء: ۱۷۱)

(١٧١) اي اهل ڪتاب! پنهنجي دين ۾ غلو نه ڪيو (يعني حقيقت ۾ اعتدال کان ٻاهر نه وڃو) ۽ الله جي باري ۾ حق کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه چئو، عيسيٰ مسيح ابن مريم فقط الله جو رسول ۽ سندس (بشارت جي) ڪلمي جو ظهور آهي. جو ڪلمو (سندس والده) مريم تي القا ڪيو ويو هو ۽ پڻ هو هڪ روح آهي جو الله جي طرفان موڪليو ويو، پوءِ اوهان کي گهرجي ته الله تي ۽ سندس رسولن تي ايمان آڻيو ۽ ائين نه چئو ته خدا ٽي آهن. (اهڙيءَ ڳالهه ڪرڻ کان) باز اچو ته توهان لاءِ وڏي چڱائي آهي. حقيقت هي آهي ته فقط الله ئي هڪ معبود آهي (ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي) هو هن ڳالهه کان پاڪ آهي، جو هن کي ڪو پٽ هجي (جڏهن ته) آسمان ۽ زمين ۾ جو ڪجهه آهي سو سندس ئي آهي (ته پوءِ کيس ڪهڙي محتاجي آهي جو ڪنهن کي پٽ بنائي دنيا ۾ موڪلي) ڪارسازيءَ لاءِ خدا جو ڪارساز هئڻ ڪافي آهي.
****

اِتَّخَذُوۡۤا اَحۡبَارَہُمۡ وَ رُہۡبَانَہُمۡ اَرۡبَابًا مِّنۡ دُوۡنِ اللّٰہِ (التوبه: ۳۱)

(٣١) انهن (اهل ڪتاب) الله کي ڇڏي پنهنجي عالمن ۽ درويشن کي (پنهنجا) رب کڻي بنايو آهي
****

قُلۡ یٰۤاَہۡلَ الۡکِتٰبِ لَا تَغۡلُوۡا فِیۡ دِیۡنِکُمۡ غَیۡرَ الۡحَقِّ وَ لَا تَتَّبِعُوۡۤا اَہۡوَآءَ قَوۡمٍ قَدۡ ضَلُّوۡا مِنۡ قَبۡلُ وَ اَضَلُّوۡا کَثِیۡرًا وَّ ضَلُّوۡا عَنۡ سَوَآءِ السَّبِیۡلِ ﴿٪۷۷﴾ (المائده: ۷۷)
(٧٧) (اي پيغمبر!) تون چؤ ته، اي اهل ڪتاب! پنهنجي دين ۾ حقيقت جي خلاف حد کان ٻاهر نه وڃو ۽ انهيءَ ٽوليءَ جي خواهشن جي پيروي نه ڪيو، جيڪي توهان کان اڳي گمراهه ٿي چڪا آهن ۽ گهڻن ئي کي گمراهه ڪري ڇڏيو اٿن ۽ حق جي سڌيءَ واٽ کان پري هٽي ويا آهن.

****
ثُمَّ جَعَلۡنٰکَ عَلٰی شَرِیۡعَۃٍ مِّنَ الۡاَمۡرِ فَاتَّبِعۡہَا وَ لَا تَتَّبِعۡ اَہۡوَآءَ الَّذِیۡنَ لَا یَعۡلَمُوۡنَ ﴿۱۸﴾
(الجاثيه: ۱۸)

(١٨) (بني اسرائيلن جي نبين کان) پوءِ اسان توکي (ديني) معاملن جي (سچي) طريقي جي رهنمائي ڪئي آهي. سو تون ان جي پيروي ڪندو رهه ۽ انهن ماڻهن جي (ذاتي) خواهشن ۽ حرصن جي پيروي نه ڪر جيڪي جاهل آهن (۽ حق کي نٿا سمجهن).