امانت جي ادائگي ڪيو ۽ فيصلن ۾ عدل ڪيو
(النساء: ۵۸)
(٥٨) مؤمنؤ! خدا توهان کي حڪم ٿو ڪري ته جيڪا جنهن جي امانت هجي سا ان جي حوالي ڪندا ڪريو ۽ جڏهن ماڻهن جي وچ ۾ فيصلا ڪريو تڏهن عدل ۽ انصاف سان فيصلا ڪريو. خدا توهان کي ڪهڙي نه چڱي نصيحت ٿو ڏئي، بيشڪ هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي.