مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

عورت جي عدت ۽ سندس حق

وَ الۡمُطَلَّقٰتُ یَتَرَبَّصۡنَ بِاَنۡفُسِہِنَّ ثَلٰثَۃَ قُرُوۡٓءٍ ؕ وَ لَا یَحِلُّ لَہُنَّ اَنۡ یَّکۡتُمۡنَ مَا خَلَقَ اللّٰہُ فِیۡۤ اَرۡحَامِہِنَّ اِنۡ کُنَّ یُؤۡمِنَّ بِاللّٰہِ وَ الۡیَوۡمِ الۡاٰخِرِ ؕ وَ بُعُوۡلَتُہُنَّ اَحَقُّ بِرَدِّہِنَّ فِیۡ ذٰلِکَ اِنۡ اَرَادُوۡۤا اِصۡلَاحًا ؕ وَ لَہُنَّ مِثۡلُ الَّذِیۡ عَلَیۡہِنَّ بِالۡمَعۡرُوۡفِ ۪ وَ لِلرِّجَالِ عَلَیۡہِنَّ دَرَجَۃٌ ؕ وَ اللّٰہُ عَزِیۡزٌ حَکِیۡمٌ ﴿۲۲۸﴾٪ (البقره: ۲۲۸)

(٢٢٨) جن عورتن کي سندن مڙسن طلاق ڏني هجي انهن کي ٽن ماهانه حيضن تائين پاڻ کي (ٻئي نڪاح ڪرڻ کان) روڪڻ گهرجي (يعني ٽن مهينن اندر عورت ٻيو نڪاح ڪري نٿي سگهي.) ۽ جيڪڏهن اهي عورتون الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿيون ته هنن لاءِ جائز ناهي ته جا شيءِ الله تعاليٰ هنن جي پيٽ ۾ خلقي آهي سا لڪائي ڇڏين (ڇو ته جيڪڏهن ٻار پيٽ ۾ آهي ته پوءِ عدت تيستائين هلندي جيستائين ٻار ڄمي ممڪن آهي ته ٻار ئي زال مڙس جي ٺهڻ جو سبب بڻجي وڃي) ۽ انهن جي مڙسن کي حق آهي ته جيڪڏهن انهي عدت جي اندر صلح ۽ ٺاهه لاءِ تيار ٿي وڃن ته پوءِ طلاق ڏنل زال کي پنهنجي زال ڪري ڏسن. عورتن کي به مردن تي اهڙائي حق آهن جهڙا مردن کي عورتن تي ته هڪ ٻئي سان چڱي هلت هلن. البت مردن کي عورتن تي هڪڙو درجو وڌيڪ ڏنو ويو آهي. (ڇو ته عورت نازڪ ۽ ضعيف آهي. مرد کيس سنڀالي ۽ حفاظت ڪري ٿو) الله تعاليٰ وڏي شان وارو ۽ حڪمت وارو آهي.