مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

مٽن مائٽن کي چڱائي جو حڪم چوڻ

وَ اَنۡذِرۡ عَشِیۡرَتَکَ الۡاَقۡرَبِیۡنَ ﴿۲۱۴﴾ۙ وَ اخۡفِضۡ جَنَاحَکَ لِمَنِ اتَّبَعَکَ مِنَ الۡمُؤۡمِنِیۡنَ ﴿۲۱۵﴾ۚ
(الشعراء: ۲۱۴، ۲۱۵)

(٢١٤) ۽ پنهنجي ويجهن مائٽن کي (خدا جي نافرماني جي نتيجن کان) خبردار ڪري ڇڏ. (٢١٥) ۽ جن مؤمنن تنهنجي پيروي اختيار ڪئي آهي تن تي ڏاڍو مهربان رهه (ايترو پيار ڪر جيترو اڏامندڙ پکي ڪندو آهي، جو کنڀن کي ڀڪوڙي لهي اچي ٻچن کي کنڀڙاٽين هيٺان لڪائيندو آهي.)