وراثت جي مال ۾ يتيمن مسڪينن جي مدد
قُوۡلُوۡا لَہُمۡ قَوۡلًا مَّعۡرُوۡفًا ﴿۸﴾ (النساء: ۸)
(٨) ۽ جڏهن ترڪي جو مال ورهائڻ وقت ٻيا ڪي مائٽ (جن کي ورثي ۾ ڪجهه به ملڻو ناهي) ۽ (خاندان جا) ۽ يتيم ۽ مسڪين حاضر هجن ته انهن کي به (مال جي گهڻائي يا ٿورائي تي نظر رکي) ڪجهه ٿورو گهڻو ڏيو ۽ (جيڪڏهن راضي نه ٿين ته) هنن کي چڱن وڻندڙ لفظن سان سمجهائي خوش ڪيو.
****
وَ لۡیَخۡشَ الَّذِیۡنَ لَوۡ تَرَکُوۡا مِنۡ خَلۡفِہِمۡ ذُرِّیَّۃً ضِعٰفًا خَافُوۡا عَلَیۡہِمۡ ۪ فَلۡیَتَّقُوا
اللّٰہَ وَ لۡیَقُوۡلُوۡا قَوۡلًا سَدِیۡدًا ﴿۹﴾ (النساء: ۹)
(٩) ۽ ترڪو ورهائيندڙن کي ڊڄڻ گهرجي (ته متان ڪنهن حقدار سان بي انصافي ٿئي) جيڪڏهن هو پاڻ ضعيف اولاد ڇڏي وڃن ته کين انهن بنسبت ڪيڏو نه انديشو رهي. (ساڳيءَ طرح ٻين جي اولاد لاءِ به خيال رکن) تنهن ڪري کين گهرجي ته خد کان ڊڄن ۽ اهڙا لفظ زبان مان ڪڍن جي مناسبت ۽ وزندار هجن.