مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

الله اوهان کي واعدا پورا ڪرڻ جو حڪم ڪري ٿو

وَ اَوۡفُوۡا بِعَہۡدِ اللّٰہِ اِذَا عٰہَدۡتُّمۡ وَ لَا تَنۡقُضُوا الۡاَیۡمَانَ بَعۡدَ تَوۡکِیۡدِہَا وَ قَدۡ جَعَلۡتُمُ اللّٰہَ عَلَیۡکُمۡ کَفِیۡلًا ؕ اِنَّ اللّٰہَ یَعۡلَمُ مَا تَفۡعَلُوۡنَ ﴿۹۱﴾ (النحل: ۹۱)

(٩١) ۽ جڏهن توهان پاڻ ۾ واعدو يا عهدنامون ڪيو ته (سمجهي ڇڏيو ته ڄڻ الله سان عهد ڪيو اٿوَ) پوءِ اوهان کي گهرجي ته الله جو عهد پورو ڪيو ۽ ائين نه ڪيو جو قسمن تي (واعدو يا عهد نامون) پڪو ڪري وري ان کي ٽوڙي ڇڏيو، حالانڪ توهان الله کي پنهنجي مٿان نگهبان ٺهرائي چڪا آهيو، (يعني الله جو قسم کڻي کيس شاهد ڪري چڪا آهيو) يقين ڪيو ته توهان جيڪي جيڪي ڪيو ٿا سو الله کان لڪل ڪونهي.