مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

مسخري ۽ عيب نه ڪڍو ۽ برا نالا نه رکو

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لَا یَسۡخَرۡ قَوۡمٌ مِّنۡ قَوۡمٍ عَسٰۤی اَنۡ یَّکُوۡنُوۡا خَیۡرًا مِّنۡہُمۡ وَ لَا نِسَآءٌ مِّنۡ نِّسَآءٍ عَسٰۤی اَنۡ یَّکُنَّ خَیۡرًا مِّنۡہُنَّ ۚ وَ لَا تَلۡمِزُوۡۤا اَنۡفُسَکُمۡ وَ لَا تَنَابَزُوۡا بِالۡاَلۡقَابِ ؕ بِئۡسَ الِاسۡمُ الۡفُسُوۡقُ بَعۡدَ الۡاِیۡمَانِ ۚ وَ مَنۡ لَّمۡ یَتُبۡ فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ الظّٰلِمُوۡنَ ﴿۱۱﴾ (الحجرات: ۱۱)

(١١) اي مؤمنؤ! (خبردار! اوهان مان) هڪڙا ماڻهو ٻين ماڻهن تي چٿرون ۽ ٺٺوليون نه ڪن. ممڪن آهي ته اهي ٻيا مرد انهن (چٿرون ڪندڙن) کان بهتر هجن، نڪي هڪڙيون عورتون ٻين عورتن تي (کلون مسخريون ڪن) ممڪن آهي ته اهي ٻيون عورتون انهن (کلون ڪندڙ) عورتن کان بهتر هجن ۽ توهان هڪ ٻئي جي بدناموسي نه ڪيو (۽ هڪ ٻئي کي طعنا نه هڻو) ۽ هڪ ٻئي تي خراب نالا نه رکو. ايمان آڻڻ بعد (ان ماڻهو تي جنهن ايمان آندو آهي) خراب نالو رکڻ وڏي بڇڙائي آهي. ۽ (ياد رکو ته) جيڪي ماڻهو (آئنده انهن بڇڙن ڪمن کان) توبه ڪري باز نه ايندا سي وڏا گنهگار ۽ ظالم آهن.