احسان جتائڻ ۽ اذيت ڏيڻ کان منع
(٢٦٤) اي ايمان وارو! ماڻهن تي ٿورو ٿڦڻ سان يا ايذاءُ پهچائڻ سان پنهنجي خيرات کي برباد نه ڪري ڇڏيو، جهڙيءَ طرح اهو ماڻهو پاڻ کي برباد ڪندو آهي جو ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ پنهنجو مال خرچ ڪندو آهي ۽ الله ۽ آخرت ۾ ايمان ڪونهيس. اهڙن ماڻهن جو مثال اهڙو آهي جهڙي پٿر جي هڪ ڇپ. ان ڇپ تي مٽي پئجي ويئي آهي (۽ ان ۾ ٻج ڇٽيو ويو آهي) جڏهن زور سان مينهن وسيو تڏهن مٽي ٻج سميت وهي هلي وئي ۽ فقط هڪ صاف سخت ڇپ وڃي رهي. (اهوئي حال آهي ڏيکاءُ ۽ ناموس لاءِ خيرات ڪندڙن جو) انهن (خيرات ڪري) جو ڪجهه به ڪمايو سو (رياڪاري سببان) ضايع ٿي ويو. هن کي ڪجهه به هٿ نه آيو ۽ حقيقت هيءَ آهي ته الله تعاليٰ انهن کي سنئين واٽ نٿو ڏيکاري جيڪي ڪفر جي واٽ ٿا وٺن.