اجازت وٺي داخل ٿيڻ جا وقت
(٥٨) اي مؤمنؤ! توهان کي هن ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته اوهان جا ٻانها (۽) ٻانهيون جيڪي اوهان جي قبضي ۾ آهن (۽ نوڪر ۽ نوڪرياڻيون) ۽ پڻ اهي جيڪي بلوغت جي عمر کي نه پهتا آهن، (يعني اڃا ننڍا آهن) اهي سڀ توهان وٽ اچڻ لاءِ ٽن وقتن تي پهريائين موڪل گهرن: (١) فجر جي نماز کان اڳي (٢) منجهد جو جڏهن توهان ڪپڙا لاهي (يا بدلائي) آرام ڪندا آهيو. (٣) سومهڻيءَ جي نماز کان پوءِ. اهي ئي (اُهي) وقت آهن (جن ۾) توهان پوريءَ طرح پهريل نه هوندا آهيو (ٻيا ماڻهو ته هر وقت موڪل بنا نه اچن) انهن ٽن وقتن کان سواءِ (انهن ٻانهن نوڪرن ۽ ننڍن جي بنا موڪل اچڻ ۾) نه اوهان جي لاءِ گناهه جي ڳالهه آهي نه ئي هنن لاءِ، ڇو ته (ڪم ڪار لاءِ) توهان هڪ ٻئي ڏانهن اچو وڃو ٿا، (ڏسو) اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ اوهان جي لاءِ پنهنجا حڪم احڪام کولي کولي بيان ڪري ٿو ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.