الله جي نصرت پنهنجي ٻانهن لاءِ
(٤٠) هي (مؤمن) اهي مظلوم آهن، جيڪي ناحق پنهنجي گهرن مان تڙي ڪڍيا ويا آهن. (هنن جو ڪوبه ڏوهه ڪونه هو) هو ته فقط چوندا ۽ مڃيندا هئا ته اسان جو پروردگار الله آهي. ۽ ڏسو جيڪڏهن الله تعاليٰ ڪن (نيڪ) ماڻهن جي هٿان ڪن (ظالمن) کي نه روڪيندو رهي ها (۽ هڪ ٽولي کي ٻئي ٽولي تي ظلم ڪرڻ لاءِ ڇوٽ ڇڏي ڏئي ها) ته ڪنهن به قوم جا عبادتگاهه زمين تي سلامت نه رهن ها، نڪي (عيسائين ۽ يهودين جون) خانقاهون ۽ ديوليون نڪي ٻين جا عبادتگاهه ۽ مسجدون، جن (سڀني) ۾ الله تعاليٰ جو گهڻو ذڪر ڪيو وڃي ٿو. اهي سڀ گهڻو اڳي ڊاٺيون وڃن ها. (ياد رکو ته) جيڪو به الله (جي سچائيءَ) جي حمايت ڪندو تنهن جي الله تعاليٰ به ضرور مدد ڪندو. انهيءَ ۾ ڪجهه به شڪ شبهو ڪونهي ته هو يقيناً سڀ ڪا قوت رکندڙ ۽ سڀني تي غالب آهي.