ماپ تور ۾ انصاف، سچ ڳالهه چوڻ ۽ واعدو پاڙڻ
۽ (هي ڳالهه به ياد رکو ته) انصاف ۽ ايمانداريءَ سان تور ۽ ماپ پوري ڪريو. اسان ڪنهن به جان (انسان) تي سندس طاقت کان ٻاهر بار نٿا رکون (پنهنجي طاقت آهر انصاف ۽ ايمانداريءَ جي ڪوشش ڪريو) ۽ جڏهن ڪابه ڳالهه چؤ ته حق ۽ انصاف جي چئو، اگرچه معاملو پنهنجي مائٽن سان تعلق رکندڙ هجي (۽ فيصلو سندس خلاف وڃي) ۽ الله سان جيڪو عهد اقرار ڪيو اٿو سو پورو ڪيو ۽ چڱيءَ طرح پاڙيو. اهي ڳالهيون آهن جن جو خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي، انهيءَ لاءِ ته من نصيحت وٺو (۽ صالح عمل ڪيو).