مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

دينِ قيم جو معيار

وَ مَا تَفَرَّقَ الَّذِیۡنَ اُوۡتُوا الۡکِتٰبَ اِلَّا مِنۡۢ بَعۡدِ مَا جَآءَتۡہُمُ الۡبَیِّنَۃُ ؕ﴿۴﴾ وَ مَاۤ اُمِرُوۡۤا اِلَّا لِیَعۡبُدُوا اللّٰہَ مُخۡلِصِیۡنَ لَہُ الدِّیۡنَ ۬ۙ حُنَفَآءَ وَ یُقِیۡمُوا الصَّلٰوۃَ وَ یُؤۡتُوا الزَّکٰوۃَ وَ ذٰلِکَ دِیۡنُ الۡقَیِّمَۃِ ؕ﴿۵﴾ (البينه: ۴، ۵)

(٤) ۽ جيڪي اهل ڪتاب هئا، تن کي واضح دليل اچڻ کان پوءِ (گهرجي ها ته قرآن تي ايمان آڻي انساني وحدت جي راهه هموار ڪن ها، پر انهن الٽو) فرقي بازي ڪري ورتي. (٥) حالانڪ انهن کي (قرآن ۽ اڳين آسماني ڪتابن جي ذريعي) رڳو هن ڳالهه جو حڪم ڪيو ويو آهي ته، اهي الله جي عبادت ۽ اطاعت ۾ اچن. ان لاءِ عبادت کي خالص ۽ خاص ڪري (ابراهيم جي دين حنفي واري) رستي تي جمع ٿين، ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪوات ڏين ۽ اهوئي (انسانيت جي ترقي ۽ فلاح جو) سڌو سنؤن دين آهي.