حرمت وارن مهينن جو احترام
مَعَ الۡمُتَّقِیۡنَ ﴿۱۹۴﴾ (البقره: ۱۹۴)
(١٩٤) جيڪڏهن ڪافر مقرر مهينن (مثلاً ذوالحج ۽ محرم) جي حرمت ڪري لڙائي نه ڪن ته توهان به نه ڪيو، پر جيڪڏهن لڙائي ڪن ته مجبوراً توهان کي به ڪرڻي آهي، ساڳيءَ طرح ٻين بين الاقوامي قانونن ۾ به جهڙي روش مخالف ڌر اختيار ڪري تهڙي توهان کي به ڪرڻي پوندي، پوءِ جيڪڏهن اوهان جي خلاف ڪو زيادتي ڪري ته اوتري قدر توهان به انهيءَ معاملي ۾ ڪيو ۽ هر حال ۾ خدا کان ڊڄي پاڻ تي ضابطو رکو ۽ پڪ ڄاڻو ته الله تعاليٰ انهن سان آهي، جي سڀ ڪنهن ڳالهه ۾ پرهيزگار آهن.