مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

جاهلن کان ٽارو ڪريو

وَ عِبَادُ الرَّحۡمٰنِ الَّذِیۡنَ یَمۡشُوۡنَ عَلَی الۡاَرۡضِ ہَوۡنًا وَّ اِذَا خَاطَبَہُمُ
الۡجٰہِلُوۡنَ قَالُوۡا سَلٰمًا ﴿۶۳﴾ (الفرقان: ۶۳)

(٦٣) رحمان خدا جا سچا ٻانها اهي آهن جيڪي زمين تي نماڻائيءَ سان هلن چلن ٿا ۽ جڏهن جاهل (۽ مغرور) ماڻهو ساڻن (بيهودي نموني سان) ڳالهائين ٿا تڏهن هو کين چون ٿا ته شال سلامتي هجي توهان تي (يعني خدا اوهان کي بيهودين ڳالهين کان ۽ عذاب کان بچائي. مان ته صبر ڪيون هليو ٿو وڃان).