مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

وياج جي حرمت

اَلَّذِیۡنَ یَاۡکُلُوۡنَ الرِّبٰوا لَا یَقُوۡمُوۡنَ اِلَّا کَمَا یَقُوۡمُ الَّذِیۡ یَتَخَبَّطُہُ الشَّیۡطٰنُ مِنَ الۡمَسِّ ؕ ذٰلِکَ بِاَنَّہُمۡ قَالُوۡۤا اِنَّمَا الۡبَیۡعُ مِثۡلُ الرِّبٰوا ۘ وَ اَحَلَّ اللّٰہُ الۡبَیۡعَ وَ حَرَّمَ الرِّبٰوا ؕ فَمَنۡ جَآءَہٗ مَوۡعِظَۃٌ مِّنۡ رَّبِّہٖ فَانۡتَہٰی فَلَہٗ مَا سَلَفَ ؕ وَ اَمۡرُہٗۤ اِلَی اللّٰہِ ؕ وَ مَنۡ عَادَ فَاُولٰٓئِکَ اَصۡحٰبُ النَّارِ ۚ ہُمۡ فِیۡہَا خٰلِدُوۡنَ ﴿۲۷۵﴾ یَمۡحَقُ اللّٰہُ الرِّبٰوا وَ یُرۡبِی الصَّدَقٰتِ ؕ وَ اللّٰہُ لَا یُحِبُّ کُلَّ کَفَّارٍ اَثِیۡمٍ ﴿۲۷۶﴾ اِنَّ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَ اَقَامُوا الصَّلٰوۃَ وَ اٰتَوُا الزَّکٰوۃَ لَہُمۡ اَجۡرُہُمۡ عِنۡدَ رَبِّہِمۡ ۚ وَ لَا خَوۡفٌ عَلَیۡہِمۡ وَ لَا ہُمۡ یَحۡزَنُوۡنَ ﴿۲۷۷﴾ (البقره: ۲۷۵ کان ۲۷۷)

(٢٧٥) جي ماڻهو (گهرج وارن جي مدد ڪرڻ بدران اٽلندو انهن کان) وياج وٺي پيٽ پالن ٿا اهي (انهيءَ ظلم جو نتيجو ڏسندا) ۽ اٿي بيهي به ڪين سگهندا پر جي بيهندا ته انهي ماڻهو وانگر جنهن کي شيطان جي ڇهڻ سان چريائي ٿي وئي هجي (يا مرگهيءَ جي بيماريءَ ۾ گرفتار هجي.) هي انهيءَ ڪري ٿيندو جو هنن (وياج کي ناجائز نه سمجهيو ۽) چيائون ته واپار به وياج وٺڻ وانگر آهي، پر الله تعاليٰ واپار ڪري نفعو ڪمائڻ کي حلال ٺهرايو آهي ۽ وياج کي حرام ڪيو. (ٻنهي ۾ زمين آسمان جو تفاوت آهي) سو هاڻي جنهن ماڻهو کي پنهنجي رب وٽان هي حڪم پهچي ته آئندهه وياج وٺڻ بند ڪري، تنهن کي اڳيون ورتل وياج وٽس ئي هجي ۽ هن جو معاملو الله وٽ آهي پر جيڪڏهن آئندهه به ڪو ماڻهو (وياج وٺڻ کان) باز نه ايندو ته پوءِ هو دوزخي جماعت منجهان آهي ۽ هميشه عذاب ۾ رهندو. (٢٧٦) الله تعاليٰ وياج مان کوٽ ۽ تباهي ڏئي ٿو ۽ خيرات لاءِ برڪت ۽ واڌارو ٿو ڏئي ۽ ياد رکو ته الله تعاليٰ انهن کي ناپسند ٿو ڪري جي الله تعاليٰ جا بي شڪر ۽ نافرمان آهن. (٢٧٧) جي ماڻهو الله تي سچو ايمان رکن ٿا ۽ سندن عمل به چڱا آهن پڻ نماز قائم ڪن ٿا ۽ زڪوٰت ڪڍن ٿا تن کي يقيناً سندن پروردگار وٽان اجر ملندو، نڪي هنن کي ڪنهن به قسم جو خوف خطرو رهندو، نڪي ڪا غمگيني.
****

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰہَ وَ ذَرُوۡا مَا بَقِیَ مِنَ الرِّبٰۤوا اِنۡ کُنۡتُمۡ مُّؤۡمِنِیۡنَ ﴿۲۷۸﴾ فَاِنۡ لَّمۡ تَفۡعَلُوۡا فَاۡذَنُوۡا بِحَرۡبٍ مِّنَ اللّٰہِ وَ رَسُوۡلِہٖ ۚ وَ اِنۡ تُبۡتُمۡ فَلَکُمۡ رُءُوۡسُ اَمۡوَالِکُمۡ ۚ لَا تَظۡلِمُوۡنَ وَ لَا تُظۡلَمُوۡنَ ﴿۲۷۹﴾ (البقره: ۲۷۸، ۲۷۹)

(٢٧٨) اي مؤمنو! جيڪڏهن توهان کي سچ پچ ايمان آهي ته خدا جو خوف رکو ۽ جيڪو وياج قرضدارن وٽ رهجي ويو آهي سو ڇڏي ڏيو. (٢٧٩) جيڪڏهن توهان ائين نه ڪيو ته پوءِ الله ۽ ان جي رسول سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار رهو. (الله جي حڪمن جي خلاف عمل ڪرڻ آهي الله ۽ رسول سان جنگ ڪرڻ) پر جيڪڏهن انهي ڪم کان توبه ڪري باز اچو ته پوءِ توهان جي لاءِ هي حڪم آهي ته پنهنجي اصلي رقم وٺو ۽ وياج ڇڏي ڏيو نڪو توهان ڪنهن تي ظلم ڪيو، نڪي توهان تي ظلم ڪيو وڃي.
****

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لَا تَاۡکُلُوا الرِّبٰۤوا اَضۡعَافًا مُّضٰعَفَۃً ۪ وَ اتَّقُوا اللّٰہَ لَعَلَّکُمۡ تُفۡلِحُوۡنَ ﴿۱۳۰﴾ۚ (آل عمران: ۱۳۰)

(١٣٠) مؤمنؤ! وياج نه کائو جو (مور ۾ گڏجي ٿو ته اصل رقم) ٻيڻي چوڻي ٿي وڃي ٿي. الله کان ڊڄو (۽ سندس نافرمانيءَ کان بچو) انهيءَ لاءِ توهان ڪامياب ٿيو (۽ نعمتون حاصل ڪيو).
****

وَ مَاۤ اٰتَیۡتُمۡ مِّنۡ رِّبًا لِّیَرۡبُوَا۠ فِیۡۤ اَمۡوَالِ النَّاسِ فَلَا یَرۡبُوۡا عِنۡدَ اللّٰہِ ۚ وَ مَاۤ اٰتَیۡتُمۡ مِّنۡ زَکٰوۃٍ تُرِیۡدُوۡنَ وَجۡہَ اللّٰہِ فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡمُضۡعِفُوۡنَ ﴿۳۹﴾ (الروم: ۳۹)

(٣٩) ۽ توهان جيڪي ڏيو ٿا انهيءَ لاءِ ته ماڻهن جي مال ملڪيت مان، وياج سان (يا ٻين ناجائز طريقن سان) دولت هٿ ڪيون ۽ وڌايون سا الله وٽ هرگز ڪانه وڌندي. (بلڪ الله تعاليٰ اوهان کي مصيبتن هيٺ آڻيندو) پر جيڪي توهان صدقن ۽ زڪوات طور خدا جي راضپي جي طلب ۾ ائين ڪيو ٿا (سا دولت بيشڪ وڌندي ۽ پاڪ ٿيندي) اهڙن ئي ماڻهن کي (الله وٽان) وڌندڙ انعام ۽ نعمتون ملنديون.