عورتون نرم لهجي ۾ ڳالهه ڪن
(٣٢) اي نبيءَ جون زالون! اوهان ٻين عورتن وانگر نه آهيو (اوهان جي پوزيشن بلڪل ٻي آهي) جيڪڏهن توهان خدا جو خوف ٿيون رکو ۽ پرهيزگار ٿيڻ ٿيون چاهيو ته (مردن سان) اهڙي نرم (۽ دل ڇڪيندڙ) نموني سان نه ڳالهايو جو جنهن (مرد) جي دل ۾ (بي حيائيءَ جو) مرض هجي سو (ڀلجي بڇڙائيءَ جو) حرص ڪري، ۽ اهڙا لفظ ڳالهايو جي مناسب ۽ انصاف وارا ڄاتا وڃن ٿا.