مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

نماز ۽ قرباني جو حڪم

فَصَلِّ لِرَبِّکَ وَ انۡحَرۡ ؕ﴿۲﴾ اِنَّ شَانِئَکَ ہُوَ الۡاَبۡتَرُ ٪﴿۳﴾ (الڪوثر: ۲، ۳)

(٢) پوءِ تون پنهنجي پالڻهار جي (پالڻهاريءَ کي عام ڪرڻ جي فرض ادائگي) لاءِ نماز پڙهه ۽ قرباني ڪر! (٣) بيشڪ تنهنجو دشمن ئي بي نسل آهي. (جو ان جو نالو نشان مٽجي ويندو.(