حج جا احڪام
(١٩٦) جڏهن حج ۽ عمري جي نيت ڪيو ته ان کي پورو ڪيو پر جيڪڏهن واٽ تي گهيرجي وڃو يعني (لڙائي يا ڪنهن ٻئي سبب کان روڪجي پئو) ته پوءِ هڪڙو جانور قربان ڪيو، جهڙو ملي سگهي ۽ تيستائين وار نه ڪٽايو (حج بعد احرام لاهڻ وقت وار ڪٽائبا آهن) جيستائين قرباني جو جانور پنهنجي جاءِ تي نه پهچي. جيڪڏهن ڪو شخص بيمار هجي يا مٿي ۾ ڪو ايذاءُ هجيس ته وارن ڪٽائڻ جي بدلي ۾ روزا رکي يا صدقو ڏئي يا جانور جي قرباني ڪري. پوءِ جڏهن امن امان جي حالت قائم ٿئي ۽ ڪو شخص چاهي ته عمرو ۽ حج ملائي ٻنهي جو ثواب هڪ ئي سفر سان حاصل ڪري ته انهيءَ لاءِ به جانور جي قرباني ڪرڻي آهي، جهڙو جانور ملي سگهي پر جيڪڏهن ڪو جانور هٿ ڪري نه سگهي ته پوءِ حج جي ڏينهن ۾ ٽي روزا رکي ۽ ست روزا گهر پهچڻ بعد. اهي پورا ڏهه روزا ٿيا. (پر ياد رکو ته) هي حڪم (عمري ۽ حج ملائڻ وارو) انهيءَ لاءِ آهي جنهن جو گهر ٻار مڪي ۾ نه هجي ۽ ياد رکو ته هر حال ۾ الله کان ڊڄي چڱا ڪم ڪيو ۽ يقين ڪيو ته (نافرماني ڪرڻ وارن لاءِ) الله تعاليٰ جي سزا سخت آهي. (١٩٧) حج جا مهينا سڀ ڪنهن کي معلوم آهن، پوءِ جنهن ماڻهو انهن مهينن ۾ حج ڪرڻ پاڻ تي لازم ڪيو ته پوءِ (حج جي حالت ۾ اچي چڪو) نڪي عورتن ڏانهن رغبت ڪري نڪي ڪو گناهه جو ڪم ڪري، نڪي جهيڙو جنگ ڪري ۽ ياد رکو ته جيڪي به چڱايون توهان ڪيو ٿا سي الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو ۽ توهان (حج لاءِ) ثمر کڻندا ڪريو، پر سڀ کان چڱو ثمر آهي تقويٰ (يعني ثمر ۽ گهربل سامان ته کڻڻ گهرجي پر پرهيزگاري جهڙي ٻي ڳالهه ئي ڪانهي) تنهن ڪري اي سمجهه وارؤ! هر حال ۾ خدا کان ڊڄي گناهن کان پرهيزگاري ڪندا رهو. (١٩٨) جيڪڏهن توهان (حج جي موقعي تي) پنهنجي پالڻهار جي فضل (واپار، ڌنڌي دولت ڪمائڻ وغيره) جي تلاش به ڪريو ته انهيءَ ۾ به توهان جي لاءِ ڪو گناهه ڪونهي، پوءِ جڏهن عرفات جي ٽڪري ۽ ميدان کان وڏي هجوم ۾ موٽو تڏهن پاڪ يادگار (يعني مزدلفه) ۾ ڪجهه وقت رهي الله جو ذڪر ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح ذڪر ڪيو جهڙيءَ طرح توهان کي الله تعاليٰ هدايت ڪئي آهي، ياد رکو ته هن کان اڳ اوهان به انهن ماڻهن منجهان هئو جيڪي راهه ڀلجي ويا هئا. (١٩٩) پوءِ اوهان (مڪي جا ماڻهو) به انهيءَ جاء تي وڃي پوءِ موٽو جتان ٻيا ماڻهو انبوهه ڪري موٽن ٿا ۽ الله کان پنهنجي گناهن جي بخشش گهرو. بيشڪ الله تعاليٰ معاف ڪرڻ وارو ۽ رحم وارو آهي.
****
فَاِذَا قَضَیۡتُمۡ مَّنَاسِکَکُمۡ فَاذۡکُرُوا اللّٰہَ کَذِکۡرِکُمۡ اٰبَآءَکُمۡ اَوۡ اَشَدَّ ذِکۡرًا ؕ فَمِنَ النَّاسِ مَنۡ یَّقُوۡلُ رَبَّنَاۤ اٰتِنَا فِی الدُّنۡیَا وَ مَا لَہٗ فِی الۡاٰخِرَۃِ مِنۡ خَلَاقٍ ﴿۲۰۰﴾ وَ مِنۡہُمۡ مَّنۡ یَّقُوۡلُ رَبَّنَاۤ اٰتِنَا فِی الدُّنۡیَا حَسَنَۃً وَّ فِی الۡاٰخِرَۃِ حَسَنَۃً وَّ قِنَا عَذَابَ النَّارِ ﴿۲۰۱﴾ اُولٰٓئِکَ لَہُمۡ نَصِیۡبٌ مِّمَّا کَسَبُوۡا ؕ وَ اللّٰہُ سَرِیۡعُ الۡحِسَابِ ﴿۲۰۲﴾ وَ اذۡکُرُوا اللّٰہَ فِیۡۤ اَیَّامٍ مَّعۡدُوۡدٰتٍ ؕ فَمَنۡ تَعَجَّلَ فِیۡ یَوۡمَیۡنِ فَلَاۤ اِثۡمَ عَلَیۡہِ ۚ وَ مَنۡ تَاَخَّرَ فَلَاۤ اِثۡمَ عَلَیۡہِ ۙ لِمَنِ اتَّقٰی ؕ وَ اتَّقُوا اللّٰہَ وَ اعۡلَمُوۡۤا اَنَّکُمۡ اِلَیۡہِ تُحۡشَرُوۡنَ ﴿۲۰۳﴾ (البقره: ۲۰۰ کان ۲۰۳)
(٢٠٠) پوءِ جڏهن حج جا سڀ ارڪان پورا ڪري رهو تڏهن الله تعاليٰ جو ذڪر ڪيو جهڙيءَ طرح اڳي پنهجي ابن ڏاڏن جو شان بيان ڪندا هئو، بلڪ ان کان گهڻو وڌيڪ الله تعاليٰ جي پاڪائي ۽ صفتن جو بيان ڪيو (حج جي ارڪانن جو اصل مقصد اهوئي آهي) پوءِ ڪي ماڻهو اهڙا آهن جي چون ٿا ته اي اسان جا پروردگار! اسان کي دنيا ۾ ئي (چڱائي) ڏي. انهن کي آخرت جي چڱائي مان ڪو حصو نه ملندو. (٢٠١) پر ڪي اهڙ به آهن جي چو ٿا ته اي اسان جا پروردگار! اسان کي دنيا ۾ به چڱائي ڏي ۽ آخرت ۾ به چڱائي ڏي ۽ دوزخ جي عذاب کان بچائي وٺجانءِ. (٢٠٢) (يقين ڪيو ته) اهڙن ئي ماڻهن کي سندن چڱن عملن مطابق دنيا ۽ آخرت جي سعادت مان حصو ملندو ۽ الله تعاليٰ عملن جي حساب جانچڻ ۾ بلڪل تکو آهي (هر انسان کي هن جي عملن موافق جلد نتيجا ڏيڻ وارو آهي. (٢٠٣) حج جي ڳڻيل ڏينهن (ايام تشريق 10، 11، 12، 13 ذوالحج) ۾ الله جي ذڪر ۾ لڳا رهو پر جيڪڏهن ڪو (موٽڻ ۾ تڪڙ ڪري ۽) ٻن ڏينهن ۾ روانو ٿي وڃي ته مٿس گناهه ڪونهي، جيڪڏهن ڪو وڌيڪ ڏينهن رهي ته به مٿس گناهه ڪونهي اها (جلدي يا دير جي) اجازت انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ آهي جو تقوي وارو آهي. (اصل مقصد تقويٰ آهي) تنهن ڪري هر حال ۾ خدا جو خوف دل ۾ رکي پرهيزگاري ڪريو ۽ ياد رکو ته يقيناً اوهان کي (ڪنهن ڏينهن مرڻو) ۽ خدا جي حضور ۾ گڏ ٿيڻو آهي.