ٻوڙا، گونگا ۽ انڌا نه بڻجو
جن ماڻهن حق کان انڪار ڪيو آهي انهن جو مثال اهڙو آهي (يعني انهن کي انڌي تقليد جي بجاءِ عقل ۽ هدايت جي دعوت ڏيڻ اهڙو آهي) جهڙو هڪڙو ڌنار ڍورن ڍڳن جي اڳيان رڙيون ۽ واڪا ڪري جي رڙيون ڍور بلڪل ڪونه ٿا سمجهن، سواءِ انهيءَ آواز جي جيڪو هنن کي سڏڻ لاءِ ڪم آڻبو آهي. اهي ڪافر ٻوڙا گونگا ۽ انڌا ٿي ويا آهن تنهن ڪري هو عقل نه هلائيندا نه ڪي ڪجهه سمجهندا.