مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

نماز قائم ڪرڻ ۽ صبر جي ضرورت

وَ اَقِمِ الصَّلٰوۃَ طَرَفَیِ النَّہَارِ وَ زُلَفًا مِّنَ الَّیۡلِ ؕ اِنَّ الۡحَسَنٰتِ یُذۡہِبۡنَ السَّیِّاٰتِ ؕ ذٰلِکَ ذِکۡرٰی لِلذّٰکِرِیۡنَ ﴿۱۱۴﴾ۚ وَ اصۡبِرۡ فَاِنَّ اللّٰہَ لَا یُضِیۡعُ اَجۡرَ الۡمُحۡسِنِیۡنَ ﴿۱۱۵﴾
(هود: ۱۱۴، ۱۱۵)

(١١٤) ۽ نماز قائم ڪيو، انهيءَ وقت جڏهن ڏينهن شروع ٿيڻ تي هجي ۽ انهيءَ وقت جڏهن رات جو پهريون حصو گذري ويو هجي. ياد رکو ته، نيڪيون برائين کي کڻي ٿيون وڃن. هيءَ نصيحت آهي انهن لاءِ جيڪي نصيحت وٺندڙ آهن. (١١٥) ۽ صبر ڪيو (يعني حق جي راهه ۾ سڀ تڪليفون ۽ مصيبتون ثابت قدميءَ سان سهندا رهو) ڇو ته بيشڪ الله تعاليٰ نيڪ عملن جو اجر ضايع نٿو ڪري.