مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

حلال شين کي حرام نه بڻايو

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لَا تُحَرِّمُوۡا طَیِّبٰتِ مَاۤ اَحَلَّ اللّٰہُ لَکُمۡ وَ لَا تَعۡتَدُوۡا ؕ اِنَّ اللّٰہَ لَا یُحِبُّ الۡمُعۡتَدِیۡنَ ﴿۸۷﴾ (المائده: ۸۷)

(٨٧) مؤمنؤ! الله تعاليٰ جيڪي چڱيون شيون اوهان جي لاءِ حلال ڪيون آهن، انهن کي پاڻ تي حرام نه ڪيو ۽ (پاڻ کي روڪڻ ۾) حد کان ٻاهر نه وڃو. الله تعاليٰ انهن کي حب نٿو ڪري جي حدن کان ٻاهر نڪري وڃن ٿا.
****

یٰۤاَیُّہَا النَّبِیُّ لِمَ تُحَرِّمُ مَاۤ اَحَلَّ اللّٰہُ لَکَ ۚ تَبۡتَغِیۡ مَرۡضَاتَ اَزۡوَاجِکَ ؕ وَ اللّٰہُ غَفُوۡرٌ رَّحِیۡمٌ ﴿۱﴾ (التحريم: ۱)
(١) اي نبي! جنهن شيءِ کي الله تو لاءِ حلال ڪيو آهي، سا تون ڇو (قسم ذريعي پاڻ تي) حرام ڪرين ٿو؟ (۽ اهو به ان لاءِ ته) تون پنهنجي زالن جي رضامندي گهرين ٿو، ۽ الله گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (جو تو کي تنبيهه ڪري ان جي خرابيءَ کان توکي بچائڻ گهري ٿو).