حلال کائڻ ۽ نعمتن جو شڪر
(١١٤) پوءِ اوهان کي گهرجي ته جيڪو رزق الله تعاليٰ اوهان کي ڏنو آهي، سو شوق سان کائو. جي حلال ۽ پاڪ شيون آهن ۽ الله جي نعمتن جو شڪر ڪيو، جيڪڏهن توهان سچ پچ سندس ئي ٻانهپ ڪندڙ آهيو.
****
وَ اَمَّا بِنِعۡمَۃِ رَبِّکَ فَحَدِّثۡ ﴿٪۱۱﴾ (الضحيٰ: ۱۱)
(١١) ۽ پنهنجي پاليندڙ جي نعمتن کي پيو بيان ڪر (انهن نعمتن کي خدائي عطيو سمجهي ٻين تي به اهي نعمتون ڪم آڻيندو رهه).