مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

حيض ۽ حمل کي لڪائڻ کان منع

وَ لَا یَحِلُّ لَہُنَّ اَنۡ یَّکۡتُمۡنَ مَا خَلَقَ اللّٰہُ فِیۡۤ اَرۡحَامِہِنَّ اِنۡ کُنَّ یُؤۡمِنَّ بِاللّٰہِ وَ الۡیَوۡمِ الۡاٰخِرِ ؕ وَ بُعُوۡلَتُہُنَّ اَحَقُّ بِرَدِّہِنَّ فِیۡ ذٰلِکَ اِنۡ اَرَادُوۡۤا اِصۡلَاحًا (البقره: ۲۲۸)

۽ جيڪڏهن اهي عورتون الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿيون ته هنن لاءِ جائز ناهي ته جا شيءِ الله تعاليٰ هنن جي پيٽ ۾ خلقي آهي سا لڪائي ڇڏين (ڇو ته جيڪڏهن ٻار پيٽ ۾ آهي ته پوءِ عدت تيستائين هلندي جيستائين ٻار ڄمي ممڪن آهي ته ٻار ئي زال مڙس جي ٺهڻ جو سبب بڻجي وڃي) ۽ انهن جي مڙسن کي حق آهي ته جيڪڏهن انهي عدت جي اندر صلح ۽ ٺاهه لاءِ تيار ٿي وڃن ته پوءِ طلاق ڏنل زال کي پنهنجي زال ڪري ڏسن.