قربانيءَ جو حڪم
(٢٨) اهي هن لاءِ ايندا ته پنهنجي فائدن وٺڻ واري جاءِ تي اهي حاضر ٿين، ۽ اسان جيڪي پاليل جانور هنن کي رزق طور ڏنا آهن، تن جي قرباني ڪري مقرر ڏينهن ۾ الله جو نالو وٺن. پوءِ قربانيءَ جو گوشت پاڻ به کائو ۽ بکايل فقيرن کي به کارايو. (٢٩) پوءِ اهي ماڻهو (يعني حاجي) قرباني ڪرڻ بعد پنهنجي جسم ۽ لباس جي ميرائي لاهي ڇڏين. (يعني احرام لاهي ڇڏين) پڻ پنهنجا نذر پورا ڪن ۽ هن قديم گهر (يعني ڪعبت الله) جي چوڌاري طواف ڪن.