سرڪشي ۽ تڪبر نه ڪجو
(٢٢) توهان جو معبود ته هڪ ئي معبود آهي. (ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي) پوءِ جيڪي ماڻهو آخرت جي زندگيءَ تي يقين نٿا رکن تن جون دليون انڪار ڪندڙ آهن. هو (سچائيءَ جي مقابلي ۾) هٺ وڏائي ڪري رهيا آهن. (٢٣) يقيناً (الله تعاليٰ هنن جي حال کان بي خبر ناهي) اهي ماڻهو جيڪي جيڪي (دل ۾) لڪائين ٿا ۽ جيڪي جيڪي ظاهر ڪري چئي ڏين ٿا سو سڀ الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. هو هٺ وڏائي ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري.