جنهن شيءِ جو علم نه هجي ان جي پوئتان نه پئو وَ لَا تَقۡفُ مَا لَیۡسَ لَکَ بِہٖ عِلۡمٌ ؕ اِنَّ السَّمۡعَ وَ الۡبَصَرَ وَ الۡفُؤَادَ کُلُّ اُولٰٓئِکَ کَانَ عَنۡہُ مَسۡـُٔوۡلًا ﴿۳۶﴾ (بني اسرائيل: ۳۶) (٣٦) ۽ (ڏسو) جنهن ڳالهه جو اوهان کي علم ڪونهي تنهن جي پٺيان نه پئو. (پنهنجي حد جي اندر رهو) ياد رکو ته، ڪنن، اکين، دل ۽ دماغ (يعني جذبن ۽ خيالن) جي باري ۾ پڇاڻو ٿيڻو آهي.