پوڙهين عورتن جي لاءِ پردي جي نرمي
(النور: ۶۰)
(٦٠) ۽ وڏيون پوڙهيون عورتون جن کي پرڻجڻ جي ضرورت ئي نه رهي آهي سي جيڪڏهن پنهنجا (غير ضروري ٻاهريان) ڪپڙا (جيئن چادر ڪنهن وقت) نه پائين ته انهن کي گناهه ڪونهي، بشرطيڪه هو زينت وارين جاين کي ظاهر نه ڪن، پر جيڪڏهن انهيءَ کان به بچن (يعني ٻاهران ڪپڙا به پائينديون رهن) ته الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.