مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

الله جا حڪم قبول ڪريو

اِسۡتَجِیۡبُوۡا لِرَبِّکُمۡ مِّنۡ قَبۡلِ اَنۡ یَّاۡتِیَ یَوۡمٌ لَّا مَرَدَّ لَہٗ مِنَ اللّٰہِ ؕ مَا لَکُمۡ مِّنۡ مَّلۡجَاٍ یَّوۡمَئِذٍ وَّ مَا لَکُمۡ مِّنۡ نَّکِیۡرٍ ﴿۴۷﴾ (الشوريٰ: ۴۷)

(٤٧) (اي انسانو!) پنهنجي پروردگار جي حڪمن جي تعميل ڪيو انهيءَ کان اڳي جو اهو (عذاب جو) ڏينهن الله وٽان اچي وڃي، جو هرگز ٽري نه سگهندو. انهيءَ ڏينهن اوهان جي لاءِ ڪابه پناهه جي جاءِ ڪانه هوندي، نڪي توهان (پنهنجي گناهن جو) انڪار ڪري سگهندؤ (نڪي ڪي عذر پيش ڪري سگهندؤ).