مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

الله اوهان کي عدل ۽ احسان جو حڪم ڪري ٿو

اِنَّ اللّٰہَ یَاۡمُرُ بِالۡعَدۡلِ وَ الۡاِحۡسَانِ وَ اِیۡتَآیِٔ ذِی الۡقُرۡبٰی وَ یَنۡہٰی عَنِ الۡفَحۡشَآءِ وَ الۡمُنۡکَرِ وَ الۡبَغۡیِ ۚ یَعِظُکُمۡ لَعَلَّکُمۡ تَذَکَّرُوۡنَ ﴿۹۰﴾ (النحل: ۹۰)

(٩٠) (مسلمانو!) الله تعاليٰ حڪم ٿو ڏئي ته (هر معاملي ۾ ۽ هرهڪ ڳالهه ۾) انصاف ڪيو، (سڀني سان) ڀلائي ۽ نيڪي ڪيو ۽ مائٽن سان سهڻو سلوڪ ڪيو- ۽ هو اوهان کي (هنن ڳالهين کان) روڪي ٿو، بي حيائيءَ جي ڳالهين کان، هر قسم جي برائين ۽ گناهن کان ۽ ظلم ۽ زيادتيءَ جي ڪمن کان، هو توهان کي نصيحت ٿو ڪري انهيءَ لاءِ ته (سمجهو ۽) نصيحت وٺو.