کاڌي کائڻ جي اجازت
(٦١) نڪي انڌن لاءِ (هيءَ ڳالهه) ڪا پوڻائي جي ڳالهه آهي، نڪي منڊن يا بيمارن لاءِ، نڪي توهان ٻين لاءِ (ڪا رڪاوٽ آهي) ته توهان (انڌا منڊا ۽ بيمار) پنهنجي گهرن ۾ يا پنهنجي پيءُ ماءُ جي گهرن ۾ کائو پيئو يا پنهنجي ڀائرن جي گهرن ۾ يا ڀينرن جي گهرن ۾ (کائو پيئو) يا پنهنجي چاچن جي گهرن ۾ يا پڦين جي گهرن ۾ يا مامن جي گهرن ۾ يا ماسين جي گهرن ۾ يا انهن گهرن ۾ جن جون ڪنجيون توهان جي قبضي ۾ هجن يا پنهنجي (نيڪ) دوستن جي گهرن ۾ (بيشڪ کائو پيئو). هن ڳالهه ۾ توهان تي ڪو گناهه ڪونهي ته گڏجي ويهي کائو يا جدا جدا (اڪيلا ويهي) کائو.