الله کي ڇڏي ٻين کي اولياءَ بڻائڻ وارا
(٢) (اي پيغمبر!) يقيناً اسان توتي هي ڪتاب حق سان نازل ڪيو آهي (۽ منجهس سچيون حقيقتون آهن ۽ سندس حڪم مفيد آهن) سو پوري پوري سچائيءَ سان ۽ پوري پوري شوق سان سندس ٻانهپ ڪندو رهه. (٣) ياد رکو ته، خاص ٻانهپ ۽ فرمانبرداري فقط الله جي ڪرڻ گهرجي. پر جيڪي ماڻهو الله کي ڇڏي ٻين کي پنهنجا اولياءَ يا محافظ ٿا سمجهن (سي دليل طور چوندا آهن ته) اسان فقط هن ڪري سندن بندگي ٿا ڪيون ته اهي اسان کي الله تعاليٰ جي ويجهي آڻيندا (پر اهو دليل بلڪل غلط آهي، ڇو ته الله تعاليٰ جي طاقت بي انت آهي هو سڀ ڪجهه پاڻ ٻڌي سگهي ٿو) يقيناً الله تعاليٰ انهن ماڻهن جي وچ ۾ سندن اختلافن بابت فيصلو ڪري ڇڏيندو. يقيناً الله تعاليٰ انهن کي (ڪاميابي ۽ سعادت جي) سڌي واٽ ڪونه ڏيکاريندو جيڪي ڪوڙا ۽ ناشڪر گذار آهن.
****
قُلۡ اِنِّیۡۤ اُمِرۡتُ اَنۡ اَعۡبُدَ اللّٰہَ مُخۡلِصًا لَّہُ الدِّیۡنَ ﴿ۙ۱۱﴾ وَ اُمِرۡتُ لِاَنۡ اَکُوۡنَ
اَوَّلَ الۡمُسۡلِمِیۡنَ ﴿۱۲﴾ (الزمر: ۱۱، ۱۲)
(١١) (اي پيغمبر!) تون چؤ ته، يقيناً مون کي حڪم ڏنو ويو آهي، ته مان وڏي شوق ۽ اخلاص سان الله جي ٻانهپ ڪيان (۽ سندس حڪمن تي هلان.) (١٢) ۽ مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته مان اول نمبر فرمانبردار ٿيان
****
قُلۡ اِنِّیۡۤ اَخَافُ اِنۡ عَصَیۡتُ رَبِّیۡ عَذَابَ یَوۡمٍ عَظِیۡمٍ ﴿۱۳﴾ قُلِ اللّٰہَ اَعۡبُدُ مُخۡلِصًا
لَّہٗ دِیۡنِیۡ ﴿ۙ۱۴﴾ (الزمر: ۱۳، ۱۴)
(١٣) (۽ پڻ) چؤ ته جيڪڏهن مان پنهنجي پروردگار جي نافرماني ڪيان ته مون کي وڏي ڏينهن جي عذاب جو خوف آهي. (١٤)چؤ ته، مان شوق ۽ اخلاص سان الله جي ٻانهپ ٿو ڪيان (۽ سندس سڀني حڪمن جي تعميل ٿو ڪيان.)
****
فَادۡعُوا اللّٰہَ مُخۡلِصِیۡنَ لَہُ الدِّیۡنَ وَ لَوۡ کَرِہَ الۡکٰفِرُوۡنَ ﴿۱۴﴾ (المومن: ۱۴)
(١٤) سو توهان فقط الله کي پڪاريو ۽ سچائيءَ سان سندس فرمانبرداري ڪيو اگرچه انهيءَ ڳالهه کي ڪافر سخت ناپسند ڪن.
****
وَ لَا تَجۡعَلُوۡا مَعَ اللّٰہِ اِلٰـہًا اٰخَرَ ؕ اِنِّیۡ لَکُمۡ مِّنۡہُ نَذِیۡرٌ مُّبِیۡنٌ ﴿ۚ۵۱﴾ (الذاريات: ۵۱)
(٥١) ۽ الله سان گڏ ٻئي ڪنهن کي معبود نه بنايو. يقيناً مان (محمدﷺ) وٽائنس اوهان ڏي چٽو چٽو خبردار ڪندڙ ٿي آيو آهيان.
****
وَ لَہٗ مَا فِی السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضِ وَ لَہُ الدِّیۡنُ وَاصِبًا ؕ اَفَغَیۡرَ اللّٰہِ تَتَّقُوۡنَ ﴿۵۲﴾
(النحل: ۵۲)
(٥٢) جيڪي جيڪي آسمان ۽ زمين ۾ آهي سو انهيءَ الله جي لاءِ ئي آهي ۽ انهيءَ ئي لاءِ دين (۽ فرمانبرداري) آهي هميشه جي لاءِ، پوءِ ڇا توهان الله کان سواءِ ٻين هستين کان ڊڄو ٿا؟
****
اَمَّنۡ ہُوَ قَانِتٌ اٰنَآءَ الَّیۡلِ سَاجِدًا وَّ قَآئِمًا یَّحۡذَرُ الۡاٰخِرَۃَ وَ یَرۡجُوۡا رَحۡمَۃَ رَبِّہٖ ؕ قُلۡ ہَلۡ یَسۡتَوِی الَّذِیۡنَ یَعۡلَمُوۡنَ وَ الَّذِیۡنَ لَا یَعۡلَمُوۡنَ ؕ اِنَّمَا یَتَذَکَّرُ
اُولُوا الۡاَلۡبَابِ ٪﴿۹﴾ (الزمر: ۹)
(٩) (ٻڌايو ته) جيڪو رات جي وقت سجدي ۽ قيام ۾ رهي شوق سان نماز پڙهي ٿو ۽ آخرت جو خيال ۽ انديشو ٿو رکي ۽ پنهنجي پروردگار جي رحمت جي اميد ٿو رکي (سو بهتر آهي يا اهو جيڪو انهن ڳالهين کان پري آهي) تون ماڻهن کان پڇ ته جيڪي ماڻهو حقيقتون ڄاڻن ٿا سي انهن جي برابر آهن ڇا جيڪي جاهل آهن. يقين ڄاڻو ته فقط اهي ئي نصيحت وٺن ٿا جيڪي سمجهه وارا آهن.