هڪ ٻئي سان معاملا درست رکو
(١) (اي پيغمبر!) ماڻهو توکان غنيمت جي مال بابت پڇن ٿا (ته ڪيئن ورهائجي؟) تون کين چئو ته، غنيمت جو مال دراصل الله ۽ ان جي رسول جو آهي. (يعني الله ۽ رسول کي ئي فيصلو ڪرڻو آهي) پوءِ جيڪڏهن توهان سچا مؤمن آهيو ته توهان کي گهرجي ته (ان مال بابت پاڻ ۾ جهڳڙا نه ڪيو) الله کان ڊڄو، پنهنجا هڪ ٻئي سان معاملا درست رکو ۽ الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداريءَ ۾ محڪم رهو.