پنهنجي گهروارن کي سلام ڪرڻ جو حڪم
پر (ياد رکو ته) جڏهن گهرن ۾ گهڙو تڏهن پنهنجن ماڻهن کي پهريائين السلام عليڪم وغيره چوندا ڪيو، (يعني سلامتي ۽ رحمت ۽ برڪت جي دعا ڪندا ڪريو) اهو سلام ڪرڻ (يعني اها دعا ڪرڻ) الله وٽان هڪ برڪت وارو ۽ پاڪ سلام آهي. (ڏسو) اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ توهان جي لاءِ پنهنجا حڪم احڪام کولي کولي ٻڌائي ٿو توهان انهن کي چڱيءَ طرح سمجهو (۽ انهن جي تعميل ڪيو).