ڇوڪري بازي ۽ فحاشي جي ويجها نه وڃو
(٥٤) ۽ اسان حضرت لوط کي به پيغمبر ڪري موڪليو. ڏسو هن پنهنجي قوم جي ماڻهن کي چيو ته، ڇا توهان غليظ بي شرميءَ جو ڪم ڪي رهيا آهيو، اگرچه توهان ڏسو به ٿا (ته اها سخت بي حيائي آهي.) (٥٥) ڇا توهان شهوت سان مردن ڏي ٿا وڃو ۽ عورتن کي ڇڏي ٿا ڏيو. حقيقت هيءَ آهي ته توهان سخت جاهل ماڻهو آهي. (۽ وڏا ظالم ۽ بدڪار آهيو).
****
اَئِنَّکُمۡ لَتَاۡتُوۡنَ الرِّجَالَ وَ تَقۡطَعُوۡنَ السَّبِیۡلَ ۬ۙ وَ تَاۡتُوۡنَ فِیۡ نَادِیۡکُمُ الۡمُنۡکَرَ ؕ فَمَا کَانَ جَوَابَ قَوۡمِہٖۤ اِلَّاۤ اَنۡ قَالُوا ائۡتِنَا بِعَذَابِ اللّٰہِ اِنۡ کُنۡتَ مِنَ الصّٰدِقِیۡنَ ﴿۲۹﴾
(العنڪبوت: ۲۹)
(٢٩) ڇا توهان (عورتن جي بجاءِ) مردن ڏي ٿا وڃو؟ ۽ پڻ رهزني ٿا ڪيو؟ (يعني واٽن تي ويهي مسافرن کي ٿا لٽيو ۽ ڦريو؟) ۽ پنهنجي مجلسن ۾ به اهو ساڳيو نفرت جهڙو ڪم ٿا ڪيو، پر سندس قوم جي ماڻهن وٽ (انهن سمجهاڻين متعلق) فقط هي ئي جواب هو جو کيس چيائون ته، جيڪڏهن تون سچو آهين (هن ڳالهه ۾ ته اسان تي عذاب ايندو) ته ڀلا آڻ اسان تي خدا جو عذاب!