مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

ڪبيرا گناهن کان بچو

اِنۡ تَجۡتَنِبُوۡا کَبَآئِرَ مَا تُنۡہَوۡنَ عَنۡہُ نُکَفِّرۡ عَنۡکُمۡ سَیِّاٰتِکُمۡ وَ نُدۡخِلۡکُمۡ
مُّدۡخَلًا کَرِیۡمًا ﴿۳۱﴾ (النساء: ۳۱)

(٣١) ۽ جن ڪبيرن گناهن کان توهان کي منع ڪئي ويئي آهي تن کان جيڪڏهن توهان پاڻ کي بچائيندؤ ته (اسان جي فضل ۽ رحمت جو قانون هي آهي ته) اسان توهان جي ننڍين اوڻاين ۽ غلطين جا اثر توهان مان ميساري ڇڏينداسين ۽ توهان کي عزت (۽ نيڪيءَ) جي درجي تي پهچائينداسين.