فيصلا عدل ۽ انصاف سان ڪيو
(١٠٥) (اي پيغمبر!) اسان توتي سچائي سان ڀريل ڪتاب نازل ڪيو آهي انهيءَ ته جيڪي الله تعاليٰ (ان ۾) ڏيکاريو آهي تنهن موجب ماڻهن جي وچ ۾ فيصلا ڪرين. ۽ خيانت ڪرڻ وارن جي طرفداريءَ ۾ جهڳڙو نه ڪر. (١٠٦) ۽ الله کان بخشش گهر (جو فيصلن ڪرڻ جو ڪم تمام اهم ۽ نازڪ آهي) بيشڪ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي.
****
وَ لَا تُجَادِلۡ عَنِ الَّذِیۡنَ یَخۡتَانُوۡنَ اَنۡفُسَہُمۡ ؕ اِنَّ اللّٰہَ لَا یُحِبُّ مَنۡ کَانَ خَوَّانًا اَثِیۡمًا ﴿۱۰۷﴾ۚۙ
(النساء: ۱۰۷)
(١٠٧) ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي اندر ۾ خيانت رکن ٿا تن جي طرفداريءَ ۾ تون جهڳڙو نه ڪر. الله تعاليٰ اهڙن ماڻهن کي هرگز پسند نٿو ڪري جي خيانت ڪندڙ ۽ ڏوهه گناهه ڪندڙ آهن.