مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

ڇوٽڪارو پائيندڙ ماڻهن جون وصفون

قَدۡ اَفۡلَحَ الۡمُؤۡمِنُوۡنَ ۙ﴿۱﴾ الَّذِیۡنَ ہُمۡ فِیۡ صَلَاتِہِمۡ خٰشِعُوۡنَ ۙ﴿۲﴾ وَ الَّذِیۡنَ ہُمۡ عَنِ اللَّغۡوِ مُعۡرِضُوۡنَ ﴿ۙ۳﴾ وَ الَّذِیۡنَ ہُمۡ لِلزَّکٰوۃِ فٰعِلُوۡنَ ۙ﴿۴﴾ وَ الَّذِیۡنَ ہُمۡ لِفُرُوۡجِہِمۡ حٰفِظُوۡنَ ۙ﴿۵﴾ اِلَّا عَلٰۤی اَزۡوَاجِہِمۡ اَوۡ مَا مَلَکَتۡ اَیۡمَانُہُمۡ فَاِنَّہُمۡ غَیۡرُ مَلُوۡمِیۡنَ ۚ﴿۶﴾ فَمَنِ ابۡتَغٰی وَرَآءَ ذٰلِکَ فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡعٰدُوۡنَ ۚ﴿۷﴾ وَ الَّذِیۡنَ ہُمۡ لِاَمٰنٰتِہِمۡ وَ عَہۡدِہِمۡ رٰعُوۡنَ ۙ﴿۸﴾ وَ الَّذِیۡنَ ہُمۡ عَلٰی صَلَوٰتِہِمۡ یُحَافِظُوۡنَ ۘ﴿۹﴾ اُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡوٰرِثُوۡنَ ﴿ۙ۱۰﴾ الَّذِیۡنَ یَرِثُوۡنَ الۡفِرۡدَوۡسَ ؕ ہُمۡ فِیۡہَا خٰلِدُوۡنَ ﴿۱۱﴾ (المومنون: ۱ کان ۱۱)

(١) بيشڪ ايمان وارا ڪامياب ۽ سعادت وارا ٿي ويندا. (٢) (اهي مؤمن ڪامياب رهندا) جيڪي پنهنجي نمازن ۾ نماڻا ۽ نيازمند آهن. (٣) ۽ جيڪي نڪمين ۽ واهيات ڳالهين کان رخ ڦيرائي ڇڏين ٿا. (٤) ۽ جيڪي زڪوات ادا ڪرڻ ۾ سرگرم آهن. (٥) ۽ جيڪي پنهنجي ستر رکڻ ۾ ڪڏهن به غافل نٿا ٿين. (٦) پر هو پنهنجي نڪاح ٻڌين زالن سان همبستريءَ جو تعلق رکن ٿا يا انهن سان جيڪي سندن ملڪيت ۾ اچي ويون آهن، (يعني غلام عورتون يا ٻانهيون) بيشڪ انهن سان همبستر ٿيڻ ۾ مٿن ڪوبه گناهه ڪونهي. (٧) پوءِ جيڪڏهن ڪو ماڻهو (هن معاملي ۾) ان کان علاوه ڪا ٻي صورت (شهوت پرستيءَ جي) ڳولي ڪڍندو ته پوءِ اهڙي صورت ڳولي ڪڍڻ وارا ئي آهن، جيڪي حدن کان ٻاهر نڪري ٿا وڃن ۽ ليڪو لنگهي ٿا بيهن. (٨) ۽ جيڪي پنهنجي امانتن ۽ عَهدن (۽ واعدن) پاڙڻ ۾ بلڪل ايماندار رهن ٿا (اها آهي مؤمنن جي پنجين وصف). (٩) ۽ جيڪي پنهنجي نمازن جي حفاظت ۾ ڪڏهن به قصور نٿا ڪن. (١٠) يقيناً اهڙائي ماڻهو وارث ٿيندا. (١١) ۽ کين فردوس جي زندگي ميراث ۾ ملندي ۽ هميشه ان ۾ رهندا.
****

وَ عِبَادُ الرَّحۡمٰنِ الَّذِیۡنَ یَمۡشُوۡنَ عَلَی الۡاَرۡضِ ہَوۡنًا وَّ اِذَا خَاطَبَہُمُ الۡجٰہِلُوۡنَ قَالُوۡا سَلٰمًا ﴿۶۳﴾ وَ الَّذِیۡنَ یَبِیۡتُوۡنَ لِرَبِّہِمۡ سُجَّدًا وَّ قِیَامًا ﴿۶۴﴾ وَ الَّذِیۡنَ یَقُوۡلُوۡنَ رَبَّنَا اصۡرِفۡ عَنَّا عَذَابَ جَہَنَّمَ ٭ۖ اِنَّ عَذَابَہَا کَانَ غَرَامًا ﴿٭ۖ۶۵﴾ اِنَّہَا سَآءَتۡ مُسۡتَقَرًّا وَّ مُقَامًا ﴿۶۶﴾ وَ الَّذِیۡنَ اِذَاۤ اَنۡفَقُوۡا لَمۡ یُسۡرِفُوۡا وَ لَمۡ یَقۡتُرُوۡا وَ کَانَ بَیۡنَ ذٰلِکَ قَوَامًا ﴿۶۷﴾ وَ الَّذِیۡنَ لَا یَدۡعُوۡنَ مَعَ اللّٰہِ اِلٰـہًا اٰخَرَ وَ لَا یَقۡتُلُوۡنَ النَّفۡسَ الَّتِیۡ حَرَّمَ اللّٰہُ اِلَّا بِالۡحَقِّ وَ لَا یَزۡنُوۡنَ ۚ وَ مَنۡ یَّفۡعَلۡ ذٰلِکَ یَلۡقَ اَثَامًا ﴿ۙ۶۸﴾ یُّضٰعَفۡ لَہُ الۡعَذَابُ یَوۡمَ الۡقِیٰمَۃِ وَ یَخۡلُدۡ فِیۡہٖ مُہَانًا ﴿٭ۖ۶۹﴾ اِلَّا مَنۡ تَابَ وَ اٰمَنَ وَ عَمِلَ عَمَلًا صَالِحًا فَاُولٰٓئِکَ یُبَدِّلُ اللّٰہُ سَیِّاٰتِہِمۡ حَسَنٰتٍ ؕ وَ کَانَ اللّٰہُ غَفُوۡرًا رَّحِیۡمًا ﴿۷۰﴾ وَ مَنۡ تَابَ وَ عَمِلَ صَالِحًا فَاِنَّہٗ یَتُوۡبُ اِلَی اللّٰہِ مَتَابًا ﴿۷۱﴾ وَ الَّذِیۡنَ لَا یَشۡہَدُوۡنَ الزُّوۡرَ ۙ وَ اِذَا مَرُّوۡا بِاللَّغۡوِ مَرُّوۡا کِرَامًا ﴿۷۲﴾ وَ الَّذِیۡنَ اِذَا ذُکِّرُوۡا بِاٰیٰتِ رَبِّہِمۡ لَمۡ یَخِرُّوۡا عَلَیۡہَا صُمًّا وَّ عُمۡیَانًا ﴿۷۳﴾ وَ الَّذِیۡنَ یَقُوۡلُوۡنَ رَبَّنَا ہَبۡ لَنَا مِنۡ اَزۡوَاجِنَا وَ ذُرِّیّٰتِنَا قُرَّۃَ اَعۡیُنٍ وَّ اجۡعَلۡنَا لِلۡمُتَّقِیۡنَ اِمَامًا ﴿۷۴﴾ اُولٰٓئِکَ یُجۡزَوۡنَ الۡغُرۡفَۃَ بِمَا صَبَرُوۡا وَ یُلَقَّوۡنَ فِیۡہَا تَحِیَّۃً وَّ سَلٰمًا ﴿ۙ۷۵﴾ خٰلِدِیۡنَ فِیۡہَا ؕ حَسُنَتۡ مُسۡتَقَرًّا وَّ مُقَامًا ﴿۷۶﴾ (الفرقان: ۶۳ کان ۷۶)

(٦٣) رحمان خدا جا سچا ٻانها اهي آهن جيڪي زمين تي نماڻائيءَ سان هلن چلن ٿا ۽ جڏهن جاهل (۽ مغرور) ماڻهو ساڻن (بيهودي نموني سان) ڳالهائين ٿا تڏهن هو کين چون ٿا ته شال سلامتي هجي توهان تي (يعني خدا اوهان کي بيهودين ڳالهين کان ۽ عذاب کان بچائي. مان ته صبر ڪيون هليو ٿو وڃان). (٦٤) ۽ اهي (سچا بندا آهن) جيڪي پنهنجي پالڻهار جي اڳيان (فرمانبرداريءَ جا) سجدا ۽ بيهڪون ڪندي راتيون گذارين ٿا. (٦٥) ۽ جيڪي خدا کان دعا گهرن ٿا ته، اي اسان جا رب! اسان کان دوزخ جو عذاب هٽائي ڇڏ. بيشڪ ان جو عذاب ڏاڍو سخت عذاب آهي. (٦٦) اهو (دوزخ) يقيناً سخت خراب ٽڪاڻو ۽ رهڻ جي جاءِ آهي. (٦٧) ۽ اهي (سچا بندا آهن) جي جڏهن (پئسا، سامان يا پنهنجون طاقتون) خرچ ڪن ٿا يا ڪم ٿا آڻين تڏهن حد کان ٻاهر نٿا وڃن ۽ فضول خرچي نٿا ڪن، نڪي وري ڪنجوسائي ٿا ڪن. انهن جي سڀ هلت چلت افراط ۽ تفريط (يعني اور ۽ پور) جي وچ ۾ هوندي آهي. (٦٨) ۽ اهي (سچا بندا آهن) جيڪي خدا سان گڏ ٻين ديوتائن کي نٿا پڪارين، نڪي سواءِ حق جي ڪنهن به ساهدار (جانور يا ماڻهو) کي قتل ٿا ڪن جن کي قتل ڪرڻ خدا تعاليٰ حرام ٺهرايو آهي، نڪي زنا ٿا ڪن. جيڪو به اهي (ئي) ڪم ڪري ٿو سو (نه رڳو) اهڙن (سخت) گناهن جي سزا ڀوڳيندو. (پر) (٦٩) قيامت جي ڏينهن هن کي ٻيڻو عذاب ملندو ۽ انهيءَ عذاب ۾ هميشه ذلت ۽ خواريءَ سان رهندو. (٧٠) پر (انهيءَ تان سزا ۽ عذاب ٽري ويندو) جيڪو توبه ڪندو (يعني انهن بد عملن کان باز ايندو) ۽ (خدا ۾ سچو) ايمان رکندو ۽ عمل به چڱا ڪندو. پوءِ الله تعاليٰ اهڙن ماڻهن جون برايون چڱائين ۾ بدلائي ڇڏيندو (يعني هو برائيون ڪڍي ڇڏيندا ۽ نيڪيون اختيار ڪندا. ياد رکو) ته، الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي. (٧١) ۽ (ياد رکو ته) جيڪو به گناهه ڇڏي (سڌيءَ واٽ ڏي) موٽي ٿو ۽ نيڪ عمل ڪري ٿو سو حقيقتاً چڱي موٽ کائي خود خدا ڏي موٽي ٿو. (٧٢) ۽ اهي (سچا بندا آهن) جيڪي ڪوڙ (۽ ظلم واري ڳالهه) تي شاهدي نٿا ڏين ۽ جڏهن ڪنهن بيهودگيءَ (يا بري ڪم ٿيڻ واري جاءِ) وٽان لنگهن ٿا تڏهن شريفاڻي ڍنگ سان (نه آڪڙ سان)، پاسو ڪري هليا وڃن ٿا. (٧٣) ۽ جيڪي جڏهن کين سندن پروردگار جي نشانين سان ڪجهه سمجهايو وڃي ٿو تڏهن انهن تي ٻوڙن ۽ انڌن وانگر ڪري نٿا پون. (پر انهن تي غور ۽ فڪر ٿا ڪن ۽ عقل ڪم ٿا آڻين.) (٧٤) ۽ جيڪي دعا ٿا گهرن ته، اي اسان جا پالڻهار! اسان جي زالن ۽ ٻارن (کي اهڙو ڪر جو انهن) مان اسان جي اکين کي ٿڌاڻ ۽ خوشي حاصل ٿئي ۽ اسان کي پرهيزگار ماڻهن لاءِ رهبر ۽ رهنما ڪر. (٧٥) اهڙن (سچن بندن) کي جنت ۾ ماڙيون ملنديون. ڇو ته هنن صبر ۽ استقامت سان زندگي گذاري، ۽ (جنت ۾ فرشتا) هنن کي چڱي ڀليڪار ۽ سلامتيءَ جي دعا ڪندي ملندا. (٧٦) اهي (سچا بندا) ان (جنت) ۾ هميشه رهندا، ڪهڙي نه چڱي رهڻ جي جاءِ ۽ فرحتن وٺڻ جي جاءِ هوندي!
****

اِنَّ الۡاِنۡسَانَ خُلِقَ ہَلُوۡعًا ﴿ۙ۱۹﴾ اِذَا مَسَّہُ الشَّرُّ جَزُوۡعًا ﴿ۙ۲۰﴾ وَّ اِذَا مَسَّہُ الۡخَیۡرُ مَنُوۡعًا﴿ۙ۲۱﴾ اِلَّا الۡمُصَلِّیۡنَ ﴿ۙ۲۲﴾ الَّذِیۡنَ ہُمۡ عَلٰی صَلَاتِہِمۡ دَآئِمُوۡنَ ﴿۪ۙ۲۳﴾ وَ الَّذِیۡنَ فِیۡۤ اَمۡوَالِہِمۡ حَقٌّ مَّعۡلُوۡمٌ ﴿۪ۙ۲۴﴾ لِّلسَّآئِلِ وَ الۡمَحۡرُوۡمِ ﴿۪ۙ۲۵﴾ وَ الَّذِیۡنَ یُصَدِّقُوۡنَ بِیَوۡمِ الدِّیۡنِ ﴿۪ۙ۲۶﴾ وَ الَّذِیۡنَ ہُمۡ مِّنۡ عَذَابِ رَبِّہِمۡ مُّشۡفِقُوۡنَ ﴿ۚ۲۷﴾ اِنَّ عَذَابَ رَبِّہِمۡ غَیۡرُ مَاۡمُوۡنٍ ﴿۲۸﴾ وَ الَّذِیۡنَ ہُمۡ لِفُرُوۡجِہِمۡ حٰفِظُوۡنَ ﴿ۙ۲۹﴾ اِلَّا عَلٰۤی اَزۡوَاجِہِمۡ اَوۡ مَا مَلَکَتۡ اَیۡمَانُہُمۡ فَاِنَّہُمۡ غَیۡرُ مَلُوۡمِیۡنَ ﴿ۚ۳۰﴾ فَمَنِ ابۡتَغٰی وَرَآءَ ذٰلِکَ فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡعٰدُوۡنَ﴿ۚ۳۱﴾ وَ الَّذِیۡنَ ہُمۡ لِاَمٰنٰتِہِمۡ وَ عَہۡدِہِمۡ رٰعُوۡنَ ﴿۪ۙ۳۲﴾ وَ الَّذِیۡنَ ہُمۡ بِشَہٰدٰتِہِمۡ قَآئِمُوۡنَ﴿۪ۙ۳۳﴾ وَ الَّذِیۡنَ ہُمۡ عَلٰی صَلَاتِہِمۡ یُحَافِظُوۡنَ ﴿ؕ۳۴﴾ اُولٰٓئِکَ فِیۡ جَنّٰتٍ مُّکۡرَمُوۡنَ ﴿ؕ٪۳۵﴾
(المعارج: ۱۹ کان ۳۵)

(١٩) بيشڪ انسان (وحي جي تعليمات کان سواءِ پنهنجي جوهر ۾) ڪمزور دل پيدا ڪيو ويو آهي. (٢٠) (نتيجي ۾) جڏهن انکي تڪليف پهچي ٿي ته بي صبر ۽ بزدل ٿيو پوي. (٢١) ۽ جڏهن خوشحالي پهچيس ٿي ته (خير جي ڪمن کان) ڪنجوس ٿيو پوي. (٢٢) پر نمازي (يعني فرمانبردار) ائين نه ڪندا آهن. (٢٣) جيڪي پنهنجي نماز (۽ پنهنجي فرمانبرداريءَ) تي هميشه پورا آهن، (٢٤۽ ٢٥) (انهن جي فرمانبرداريءَ جي علامت اها آهي جو مال کي صرف پنهنجي انفرادي مفاد لاءِ نه سمجهندا آهن، بلڪ) انهن جي مالن ۾ سوالي ۽ بي سوالي (محتاج ۽ زندگيءَ جي ضرورتن کان محروم ماڻهن) لاءِ مقرر حق آهي. (جيڪو الله جي سونپيل امانت سمجهي انهن تائين رسائيندا آهن.) (٢٦) (اهي ئي ماڻهو آهن) جيڪي حساب جي ڏينهن کي (پنهنجي عمل سان) سچو مڃين ٿا. (٢٧) ۽ جيڪي پنهنجي پاليندڙ جي گرفت ۽ عذاب کان ڊڄندڙ آهن. (٢٨) ڇو ته (الله جي قانون جي خلاف ورزيءَ تي ٻي پناهه آهي ئي ڪونه، ان ڪري) سندن پاليندڙ جو عذاب بي ڊپي ٿيڻ جي شيءِ نه آهي. (٢٩) (سندن خاصيت هيءَ به آهي ته) پنهنجين عصمتن جي حفاظت ڪندڙ آهن. (اهي مرد توڙي عورتون). (٣٠) (ٻين کان) بچائيندڙ آهن. سواءِ پنهنجي زالن ۽ ملڪ ٿي ويل عورتن جي. ڇو ته (انهن کان شرمگاهن نه بچائڻ ۾) اهي ملامت ڪيل نه آهن. (٣١) پوءِ جيڪي ان کان سواءِ (ٻيو ڪجهه ڪرڻ) گهرندا سي ئي حد کان لنگهندڙ آهن. (٣٢) (انهن جي خاصيت هيءَ به آهي ته) اهي پنهنجي امانتن (جي حفاظت) ۽ پنهنجي انجام (کي پوري ڪرڻ) جو خيال رکندڙ آهن. (٣٣) ۽ جيڪي (ڪنهن معاملي تي شاهدي ڏين ٿا ته) پنهنجي شاهدين تي پورا بيهندڙ آهن. (٣٤) ۽ جيڪي پنهنجي نماز جي (هميشه) پابندي ڪن ٿا. (٣٥) اهي (ئي آهن جيڪي هميشه) باغن ۾ عزت وارا ٿي رهندا.
****

رِجَالٌ ۙ لَّا تُلۡہِیۡہِمۡ تِجَارَۃٌ وَّ لَا بَیۡعٌ عَنۡ ذِکۡرِ اللّٰہِ وَ اِقَامِ الصَّلٰوۃِ وَ اِیۡتَآءِ الزَّکٰوۃِ ۪ۙ یَخَافُوۡنَ یَوۡمًا تَتَقَلَّبُ فِیۡہِ الۡقُلُوۡبُ وَ الۡاَبۡصَارُ ﴿٭ۙ۳۷﴾ لِیَجۡزِیَہُمُ اللّٰہُ اَحۡسَنَ مَا عَمِلُوۡا وَ یَزِیۡدَہُمۡ مِّنۡ فَضۡلِہٖ ؕ وَ اللّٰہُ یَرۡزُقُ مَنۡ یَّشَآءُ بِغَیۡرِ حِسَابٍ ﴿۳۸﴾
(النور: ۳۷، ۳۸)

(٣٧) اهي ماڻهو اهڙا آهن جو کين واپار ۽ ڌنڌا نڪي خدا جي يادگيريءَ کان غافل ٿا ڪري سگهن، نڪي نماز قائم ڪرڻ ۽ زڪوات ڏيڻ کان غافل ٿا ڪن. اهي انهيءَ ڏينهن کان ڊڄندا رهن ٿا جنهن ڏينهن دليون ۽ اکيون ابتيون ۽ اونڌيون ٿي وينديون. (٣٨) (سندن سچائي جو نتيجو هي ٿيندو جو) جيڪي به (چڱا) عمل هنن ڪيا آهن تن جو بهترين بدلو الله تعاليٰ کين ڏيندو، ۽ پنهنجي (خاص) فضل سا ڪجهه زياده به عنايت ڪندو ۽ الله تعاليٰ جنهن کي به چاهي ٿو تنهن کي بنا حساب گهڻو رزق عطا ڪري ٿو.