بيواهه عورتن سان نڪاح ڪرڻ جو حڪم
(النور: ۳۲، ۳۳)
(٣٢) ۽ اوهان ۾ جيڪي به اڻ پرڻيل عورتون هجن، (ڪنواريون توڙي بيوهه توڙي طلاق ڏنل) تن جو نڪاح ڪندا ڪريو ۽ پنهنجي نيڪ ٻانهن ۽ ٻانهين جو به نڪاح ڪندا ڪريو. (يعني انهن سان پرڻجو يا انهن کي پرڻايو) جيڪڏهن اهي مسڪين هونديون ته الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان هنن کي خوشحال ڪري ڇڏيندو ۽ الله تعاليٰ وسعت رکندڙ ۽ سڀني کي وسعت ڏيندڙ آهي ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. (٣٣) ۽ جن ماڻهن کي نڪاح جي لاءِ طاقت ڪانهي سي پاڻ تي ضابطو رکن (۽ پاڪ دامن رهن) جيستائين ڪه الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان کين آسودو ڪري ۽ جيڪي ٻانها توهان کان دستاويز لکائي وٺڻ چاهين (ته هيترا پئسا ڪمائي ڪرڻ يا هيترو ڪم ڪرڻ بعد آزادي ملندي) ته انهن کي اهڙو دستاويز لکي ڏيو، جيڪڏهن توهان هنن ۾ ڪجهه نيڪي ۽ صلاحيت معلوم ڪيو ۽ جيڪو مال الله تعاليٰ اوهان کي ڏنو آهي، تنهن مان انهن کي به ڪجهه ڏيو ۽ پنهنجي ٻانهين کي دنيوي زندگي جي فائدن حاصل ڪرڻ لاءِ زنا ڪاري ڪرڻ تي مجبور نه ڪيو، جڏهن ته هو پاڪ دامن رهڻ چاهين ٿيون ۽ جيڪڏهن هنن کي ڪو ماڻهو (ڪسب ڪرڻ لاءِ) مجبور ڪندو ته پوءِ هنن جي مجبوريءَ بيوسيءَ جي ڪري الله تعاليٰ (هنن کي بخشي ڇڏيندو، ڇو ته هو) غفور ۽ رحيم آهي.