جمعي جي نماز ۽ خطبي جو حڪم
(الجمعه: ۹، ۱۰، ۱۱)
اي ايمان وارو! جڏهن جمعي جي ڏينهن نماز لاءِ بانگ ڏني وڃي ته (اجتماعي طرح) الله جي ياد ڪرڻ لاءِ جلد ڪريو ۽ سودي واپار (۽ ٻين مشغولين) کي ڇڏي ڏيو. (اچي الله جا قانون ۽ هدايتون ٻڌو جن جي مطابق توهان کي هلڻو آهي.) اهو (اجتماع) اوهان لاءِ گهڻو چڱو آهي، جيڪڏهن اوهين (ان جا نتيجا) ڄاڻو!(١٠) پوءِ جڏهن نماز ٿي وڃي ته (ڀلي) زمين تي پکڙجي وڃو ۽ (حلال رزق ذريعي) الله جو فضل گهرو ۽ (دنيا جي سڀني ڪمن ۾) الله (جي قانونن تي عمل ڪندي ان) کي گهڻو ياد ڪريو تان ته اوهين ڪامياب ٿيو. (١١) (اي پيغمبر!) اهي جڏهن ڪو واپار يا ڪو تماشو ڏسن ٿا ته ان ڏي ٽڙي پکڙي وڃن ٿا ۽ توکي (خطبي ۾) بيٺل ڇڏي ٿا ڏين. (اي پيغمبر!) تون چئو ته، جو الله وٽ آهي سو تماشي ۽ واپار کان گهڻو چڱو آهي ۽ الله سڀني کان چڱو روزي ڏيندڙ آهي.