مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

خدا کان ڊڄندا رهو ته اوهان منجهان اوهان جون جون برايون ڪڍي ڇڏيندو

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اِنۡ تَتَّقُوا اللّٰہَ یَجۡعَلۡ لَّکُمۡ فُرۡقَانًا وَّ یُکَفِّرۡ عَنۡکُمۡ سَیِّاٰتِکُمۡ وَ یَغۡفِرۡ لَکُمۡ ؕ وَ اللّٰہُ ذُو الۡفَضۡلِ الۡعَظِیۡمِ ﴿۲۹﴾ (الانفال: ۲۹)

(٢٩) مؤمنؤ! جيڪڏهن توهان خدا کان ڊڄندا رهو (۽ سندس نافرماني کان بچو) ته پوءِ هو توهان جي لاءِ (حق ۽ باطل ۾) فرق ڪرڻ ۽ سمجهڻ جي قوت پيدا ڪندو ۽ اوهان منجهان اوهان جون برايون ڪڍي ڇڏيندو ۽ اوهان کي بخشيندو. (ياد رکو ته) الله تعاليٰ ته تمام وڏو فضل ڪندڙ آهي.
****

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰہَ وَ اٰمِنُوۡا بِرَسُوۡلِہٖ یُؤۡتِکُمۡ کِفۡلَیۡنِ مِنۡ رَّحۡمَتِہٖ وَ یَجۡعَلۡ لَّکُمۡ نُوۡرًا تَمۡشُوۡنَ بِہٖ وَ یَغۡفِرۡ لَکُمۡ ؕ وَ اللّٰہُ غَفُوۡرٌ رَّحِیۡمٌ ﴿ۚۙ۲۸﴾ (الحديد: ۲۸)

(٢٨) اي (عيسائيو) اوهان مان جن کي (حضرت عيسيٰ تي) ايمان آهي، سي خدا کان ڊڄو (۽ خدائي دين جي نظام هيٺ اچو) ۽ سندس رسول (حضرت محمدﷺ) تي ايمان آڻيو (ڇو ته توهان حضرت عيسيٰ واري تعليم وساري ڇڏي آهي ۽ هي رسول حضرت محمدﷺ ساڳئي تعليم ٿو ڏئي) الله تعاليٰ اوهان کي پنهنجي رحمت مان ٻه حصا ڏيندو. ۽ اوهان جي لاءِ نور پيدا ڪندو جنهن ۾ توهان گامزن ٿيندو (يعني انهيءَ روشنيءَ ۾ عملي طرح اڳتي وڌندا رهندؤ) ۽ اوهان جون (اڳيون) خاميون معاف ڪري ڇڏيندو ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ بار بار معاف ڪندڙ ۽ وڏي رحم وارو آهي (بشرطيڪه توهان غلطيون ڦٽي ڪري سڌيءَ واٽ تي هلو).