مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

ڪافرن ۽ غير معاهدن سان وڙهڻ جو حڪم

فَاِذَا لَقِیۡتُمُ الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا فَضَرۡبَ الرِّقَابِ ؕ حَتّٰۤی اِذَاۤ اَثۡخَنۡتُمُوۡہُمۡ فَشُدُّوا الۡوَثَاقَ ٭ۙ فَاِمَّا مَنًّۢا بَعۡدُ وَ اِمَّا فِدَآءً حَتّٰی تَضَعَ الۡحَرۡبُ اَوۡزَارَہَا ۬ۚ۟ۛ ذٰؔلِکَ ؕۛ وَ لَوۡ یَشَآءُ اللّٰہُ لَانۡتَصَرَ مِنۡہُمۡ وَ لٰکِنۡ لِّیَبۡلُوَا۠ بَعۡضَکُمۡ بِبَعۡضٍ ؕ وَ الَّذِیۡنَ قُتِلُوۡا فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ فَلَنۡ یُّضِلَّ اَعۡمَالَہُمۡ ﴿۴﴾ (محمد: ۴)

(٤) سو جڏهن توهان ڪافرن سان (لڙائيءَ ۾) منهن مقابلي ٿيو تڏهن انهن جي ڳچين تي تلوار جو وار ڪيو، تان جو جڏهن هنن کي بلڪل ڪمزور ۽ مغلوب ڪري وجهو تڏهن هنن کي گرفتار ڪيو (يا هنن کي انصاف واري عهدنامي قبول ڪرڻ تي مجبور ڪيو) پوءِ (قيدين کي) يا ته احسان طور (بنا فديه وٺڻ جي) ڇڏي ڏيو يا فديو وٺي ڇڏي ڏيو. تان جو لڙائيءَ جو امڪان نه رهي) اهو (حڪم آهي لڙائي بابت) ۽ جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ها ته پاڻ هنن کان بدلو وٺي ها (يعني يا کين عذاب ڪري ها يا کين تباهه ڪري ڇڏي ها) پر (سندس حڪمت لڙائيءَ جي حڪم ڏيڻ ۾ يا ظلم جي مقابلي ڪرڻ ۾ هي رکيل آهي ته) هو اوهان کي هڪ ٻئي جي ذريعي آزمائي (سچي ايمان جي آزمائش آهي ئي انهيءَ ۾ ته ايمان وارا حق جي راهه ۾ خود قربانيون ڪن بلڪه جانيون به قربان ڪن) ۽ جيڪي الله جي راهه ۾ قتل ٿين ٿا تن جا عمل الله تعاليٰ هرگز ضايع نه ڪندو.