مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

هڪ نيڪيءَ جو ثواب ڏهوڻ تي

مَنۡ جَآءَ بِالۡحَسَنَۃِ فَلَہٗ عَشۡرُ اَمۡثَالِہَا ۚ وَ مَنۡ جَآءَ بِالسَّیِّئَۃِ فَلَا یُجۡزٰۤی اِلَّا مِثۡلَہَا وَ ہُمۡ لَا یُظۡلَمُوۡنَ ﴿۱۶۰﴾ (الانعام: ۱۶۰)

(١٦٠) (ياد رکو ته) جيڪو به (الله جي حضور ۾) نيڪي (صالح عمل) آڻيندو تنهن کي سندس نيڪ عملن کان ڏهوڻو ثواب ملند، ۽ جيڪو برائي آڻيندو سو ان برائيءَ جي بدلي ۾ اوتري ئي سزا کائيندو جيتري برائي ڪئي هوندائين (يعني نيڪيءَ جي اجر ۾ واڌارو ڪيو وڃي ٿو پر برائي جي سزا ۾ واڌارو ڪونهي) ۽ ائين ڪونه ٿيندو جو (عملن جي بدلي ۾) ماڻهن سان ڪجهه به بي انصافي ڪئي وڃي.