مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

انفاق ڪيئن ڪجي؟

یَسۡـَٔلُوۡنَکَ مَا ذَا یُنۡفِقُوۡنَ ۬ؕ قُلۡ مَاۤ اَنۡفَقۡتُمۡ مِّنۡ خَیۡرٍ فَلِلۡوَالِدَیۡنِ وَ الۡاَقۡرَبِیۡنَ وَ الۡیَتٰمٰی وَ الۡمَسٰکِیۡنِ وَ ابۡنِ‌السَّبِیۡلِ ؕ وَ مَا تَفۡعَلُوۡا مِنۡ خَیۡرٍ فَاِنَّ اللّٰہَ بِہٖ عَلِیۡمٌ ﴿۲۱۵﴾
(البقره: ۲۱۵)

(٢١٥) اي پيغمبر! توکان ماڻهو پڇن ٿا ته ڪهڙي خيرات ڪن ۽ ڪهڙيءَ طرح ڪن. انهن کي چئو ته، جيڪي توهان پنهنجي مال مان بچائي سگهو سو خدا جي راهه ۾ خرچ ڪيو. ان لاءِ حقدار آهن ماءُ پيءُ، مٽ مائٽ، يتيم مسڪين ۽ مسافر ۽ ياد رکو ته جيڪا به چڱائي توهان ڪيو ٿا سا الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو (۽ ان جو اجر ڏئي ٿو).