قيامت جي ڏينهن کان ڊڄو جتي نه بدلو هوندو نه سفارش
(١٢٣) ۽ ڊڄو انهيءَ ڏينهن کان جنهن ڏينهن ڪوبه انسان ڪنهن ٻئي انسان کي ڪم نه ايندو (نڪي پنهنجي ڪنهن پيشوا جو نالو وٺي عذاب کان ڇٽي وڃبو) نه ڪنهن طرح جو عيوضو قبول پوندو (يعني فديو ڏئي جان ڪوبه ڇڏائي سگهي) نه ڪنهن جي ڪوشش ۽ سفارش فائدو ڏيندي ۽ نه گنهگارن کي ڪٿان به مدد ملندي.