اجر عظيم ۽ ٻِٽي سزا
(الاحزاب: ۲۹، ۳۰، ۳۱)
(٢٩) پر جيڪڏهن توهان الله ۽ سندس رسول (جو راضپو) ۽ آخرت جو گهر (يعني جنت) ٿيون چاهيو ته پوءِ توهان مان جيڪي نيڪ ڪم ڪندڙ آهن تن لاءِ الله تعاليٰ تمام وڏو اجر تيار ڪري رکيو آهي. (ٻين کان وڏو اجر هن ڪري جو تنگ گذران هوندي به تبليغ اصلاح ۽ مسڪينن جي مددگاري جو ڪم جاري رکيائون). (٣٠) اي نبي (سڳوري) جون بيبيون! توهان مان ڪابه جيڪڏهن ڪوبه چٽوپٽو فاحش ڪم ڪندي ته کيس (ٻين عورتن کان) ٻيڻو عذاب ملندو (ڇو ته ايڏي جوابداري واري پوزيشن جي ماڻهوءَ لاءِ ناروا ڪم ڪرڻ وڌيڪ نامناسب آهي) ۽ ائين ڪرڻ (يعني ٻيڻو عذاب ڏيڻ) الله تعاليٰ جي لاءِ بلڪل آسان آهي. (٣١) ۽ توهان مان (يعني حضرت جن جي حرمن مان) جيڪي به دل و جان سان الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندي ۽ نيڪ عمل ڪندي تنهن کي اسان (ٻين کان) ٻيڻو اجر ڏينداسين ۽ اسان هن لاءِ شاندار رزق (يعني هر طرح جون نعمتون ۽ خوشيون) تيار رکيون آهن.