مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

زانيءَ کي سزا ڏيڻ ۾ ترس نه کائو

اَلزَّانِیَۃُ وَ الزَّانِیۡ فَاجۡلِدُوۡا کُلَّ وَاحِدٍ مِّنۡہُمَا مِائَۃَ جَلۡدَۃٍ ۪ وَّ لَا تَاۡخُذۡکُمۡ بِہِمَا رَاۡفَۃٌ فِیۡ دِیۡنِ اللّٰہِ اِنۡ کُنۡتُمۡ تُؤۡمِنُوۡنَ بِاللّٰہِ وَ الۡیَوۡمِ الۡاٰخِرِ ۚ وَ لۡیَشۡہَدۡ عَذَابَہُمَا طَآئِفَۃٌ مِّنَ الۡمُؤۡمِنِیۡنَ ﴿۲﴾ (النور: ۲)

(٢) زنا ڪندڙ عورت ۽ زنا ڪندڙ مرد (ٻنهي مان) هرهڪ کي سؤ سؤ ڦٽڪا هڻو. جيڪڏهن توهان الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان ٿا رکو ته (ائين ضرور ڪيو) ۽ الله جي دين جي معاملي ۾ انهن ٻنهي سان رعايت هرگز نه ڪرڻ گهرجي. ۽ ٻنهي جي سزا مسلمانن جي هڪ جماعت (اکين سان) ڏسي (۽ عبرت وٺي).