مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

جان ۽ مال سان جهاد جي فضيلت

لَا یَسۡتَوِی الۡقٰعِدُوۡنَ مِنَ الۡمُؤۡمِنِیۡنَ غَیۡرُ اُولِی الضَّرَرِ وَ الۡمُجٰہِدُوۡنَ فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ بِاَمۡوَالِہِمۡ وَ اَنۡفُسِہِمۡ ؕ فَضَّلَ اللّٰہُ الۡمُجٰہِدِیۡنَ بِاَمۡوَالِہِمۡ وَ اَنۡفُسِہِمۡ عَلَی الۡقٰعِدِیۡنَ دَرَجَۃً ؕ وَ کُلًّا وَّعَدَ اللّٰہُ الۡحُسۡنٰی ؕ وَ فَضَّلَ اللّٰہُ الۡمُجٰہِدِیۡنَ عَلَی الۡقٰعِدِیۡنَ اَجۡرًا عَظِیۡمًا ﴿ۙ۹۵﴾ (النساء: ۹۵)

(٩٥) مؤمن ۾ جيڪي بنا عذر گهر ويهي ٿا رهن (يعني لڙائيءَ ۾ شريڪ نٿا ٿين) سي انهن جي برابر هرگز ٿي نٿا سگهن، جيڪي پنهنجي مال ۽ جان سان الله جي راهه ۾ جهاد ڪرڻ وارا آهن. الله تعاليٰ مال ۽ جان سان جهاد ڪرڻ وارن کي ويهي رهندڙن جي ڀيٽ ۾ وڏو درجو ۽ فضيلت ڏني آهي (هونئن ته) الله تعاليٰ جو چڱو واعدو سڀني (نيڪ مسلمانن) لاءِ آهي پر مجاهدن کي ويهندڙن کان گهڻو وڏو اجر ملندو.