مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

سواءِ ڪنهن علم جي الله بابت نه وڙهو

اَلَمۡ تَرَوۡا اَنَّ اللّٰہَ سَخَّرَ لَکُمۡ مَّا فِی السَّمٰوٰتِ وَ مَا فِی الۡاَرۡضِ وَ اَسۡبَغَ عَلَیۡکُمۡ نِعَمَہٗ ظَاہِرَۃً وَّ بَاطِنَۃً ؕ وَ مِنَ النَّاسِ مَنۡ یُّجَادِلُ فِی اللّٰہِ بِغَیۡرِ عِلۡمٍ وَّ لَا ہُدًی وَّ لَا کِتٰبٍ مُّنِیۡرٍ ﴿۲۰﴾ (لقمان:۲۰)

(٢٠) توهان نٿا ڏسو ڇا ته الله تعاليٰ اهي سڀ شيون جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن اوهان کي (اوهان جي ڪم اچڻ لاءِ) تابع ڪري ڏنيون آهن، ۽ توهان جي لاءِ ظاهري (يعني روح جي پرورش لاءِ روحاني) نعمتون (جهڙوڪ علم، عقل، وحي، شريف جذبا وغيره) بي انداز مهيا ڪري ڇڏيون آهن. (افسوس جو تنهن هوندي بي) ماڻهن ۾ ڪي اهڙا آهن جيڪي الله جي باري ۾ اجايا جهڳڙا ڪندا ٿا رهن، حالانڪ کين نه علم آهي، نه (عقل جي) هدايت اٿن، نڪي وري ڪو روشني ڏيندڙ ڪتاب اٿن.