فيصلا خدائي حڪمن جي مطابق ڪيو
بِسۡمِ اللّٰہِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمِ
وَ اَنِ احۡکُمۡ بَیۡنَہُمۡ بِمَاۤ اَنۡزَلَ اللّٰہُ وَ لَا تَتَّبِعۡ اَہۡوَآءَہُمۡ وَ احۡذَرۡہُمۡ اَنۡ یَّفۡتِنُوۡکَ
عَنۡۢ بَعۡضِ مَاۤ اَنۡزَلَ اللّٰہُ اِلَیۡکَ (المائده: ۴۹)
جيڪي الله حڪم نازل ڪيا آهن تنهن مطابق ماڻهن جي وچ ۾ فيصلا ڪر ۽ هنن جي خواهشن جي پيروي نه ڪر ۽ پڻ هنن بنسبت خبردار رهه، جو ائين نه ٿئي ته جيڪي خدا نازل ڪيو آهي، تنهن جي ڪنهن به حڪم (جي تعميل) ۾ تنهنجا قدم هو هٽائي ڇڏين.